عمران خان جِي حڪومت بَي فيض ٿيندي ئي جهٽڪي سان ڪِري پئي: مريم نواز

0
287
حڪومت بَي فيض ٿيندي ئي
عمران خان جِي حڪومت بَي فيض ٿيندي ئي جهٽڪي سان ڪِري پئي: مريم نواز

عمران خان کي ايترو ڏک پنهنجي حڪومت وڃڻ جو نه، جيترو ڏک شهباز شريف جو وزيراعظم بڻجڻ تي ٿيو آهي، عمران خان قوم کي لنگر خانن تي لڳائي پاڻ توشا خانه لٽيندو رهيو

نواز ليگ جِي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته، عمران خان جِي حڪومت بَي فيض ٿيندي ئي جهٽڪي سان ڪِري پئي، ڪُرسِي کسجڻ بعد عمران خان هوش وڃائي ويٺو آهي، هر روز نوان ڪوڙ ڳالهائيندو آهي

فتح جنگ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته، عمران خان جو مارچ آزادي نه، گوگي بچايو مارچ آهي، عمران خان ڪڏهن به پنهنجي ڀيڻ جَي دفاع لاءِ سامهون نه آيو پر ٽي وي تي اچي وضاحت ڏيندو رهيو فرح خان ڪجهه نه ڪيو، راڻا ثناءُ الله چئي چڪو آهي ته فرح خان جتي به هوندي، کيس ڳولي واپس آڻينداسين