عمران خان جا انديشا ۽ حڪومت جون حيرتون

0
147
مڪاني چونڊون ڪنهن جي لاءِ آهن؟

  جڳ مشهور آفريڪي ۽ عالمي اڳواڻ نيلسن مينڊيلا جي ڪجهه مشهور قولن ۾ هڪ قول هي به شامل آهي ته، “هڪ سياستدان جي نظرون ايندڙ چونڊن تي هونديون آهن جڏهن ته رهبر جي نظر قوم جي مستقبل تي هوندي آهي.” اسان سڀني جي بدقسمتي آهي جو پاڪستان کي قائدِاعظم محمد علي جناح ۽ قائدِعوام ذوالفقار علي ڀٽي کانپوءِ ڪوبه اهڙو ٽيون رهبر نه مليو آهي جيڪو هن ملڪ ۽ قوم کي اڳتي وٺي وڃي ۽ ان جي مستقبل کي محفوظ ڪرڻ سان گڏ سنواري سڌاري. هڪڙي کي خراب ايمبولينس جي نظر ڪيو ويو ته ٻي کي جڙتو ڪيس ۾ ڦاسي تي لٽڪايو ويو، ۽ ٽيون وري اسان وٽ ماحول ڪجهه اهڙو بڻايو ويو آهي جو اسان وٽ سياستدان تيار ڪرڻ جون فيڪٽريون ته هر ڪو جام لڳائي رهيو آهي پر پنهنجي ملڪ جي لاءِ رهبر گهرڻ جي دعا لاءِ ڪنهن وٽ به وقت ڪونهي ڪو. ڇاڪاڻ جو سياستدان چاهي پوءِ اهو پيسي وارو هجي يا سڃو، امير هجي يا غريب، شريف هجي يا بدمعاش بڻجي سگهي ٿو پر رهبر تيار ڪرڻ صرف خدا جي ذات جي هٿ وس آهي. مطلب هي آهي ته رهبر پيدائشي هوندا آهن جڏهن ته سياستدان پنهنجي مالي حيثيت، سماجي اٿڻي ويهڻي ۽ خاص طور تي پنهنجي ذاتي مفادن کي محفوظ بڻائڻ جي بنياد تي تيار ٿيندا ۽ استعمال ڪيا ويندا آهن.

هڪ رهبر ئي اهو ماڻهو هوندو آهي جنهن کي خدا تعالى اها سمجهه ۽ ذهني قوت عطا ڪندو آهي جو هو قوم جي مستقبل لاءِ پاڻ پتوڙيندو ۽ ڏکين حالتن جو مقابلو ڪندو آهي. سياستدان ۽ رهبر ۾ هي به فرق هوندو آهي ته سياستدان هر وقت وڪامجڻ جي لاءِ آتو جڏهن ته رهبر نه جهڪندو آهي نه وڪامجي سگهندو آهي. اسان جي ملڪ جي سياسي کيتر ۾ اهڙا ڪهڙا معتبر آهن جن کي اسان رهبري جي ذمري ۾ آڻي سگهون. پارٽي اڳواڻ ڪڏهن به رهبر نٿو ٿي سگهي. رهبر بحرانن مان پيدا ٿيندا آهن، انهن ۾ هر قسم جي ظلم ۽ زيادتي کي سهڻ، وڏي ۾ وڏي قرباني ڏيڻ جي شڪتي موجود هوندي آهي. وڏي ڳالهه ته اهي ذاتي مفادن کان مٿاهان هوندا آهن ايتري تائين جو اهي پنهنجي اصولي موقف تي پنهنجي جان جي به پرواهه ناهن ڪندا. ملڪ جون حالتون جنهن طرف وڃي رهيون آهن اهي هڪ انساني سانحي ۽ سياسي سماجي بحران کي جنم ڏئي سگهن ٿيون. هونئن به ڪنهن به خطي جون سياسي سماجي حالتون بد کا بدترين بڻجي جڏهن پنهنجي انتها کي پهچن ٿيون ته بحران پاڻمرادو پيدا ٿي پون ٿا ته پوءِ ڇا اسان هي اميد ڪري سگهون ٿا ته اسان کي هڪ رهبر جي رهبري نصيب ٿيندي؟

هن وقت ته اسان جي سياسي قيادت خاص طور تي حڪومتي لڏي کي خطرناڪ معاشي دڙڪا درپيش آهن جن سان منهن ڏيڻ جي لاءِ هي به ساڳي ڪار تي سوار آهن جنهن تي اڳوڻي حڪومت سوار هئي يعني تيل جي قيمتن ۾ واڌ آڻڻ سوبه 5 نه، ڇهه نه، هڪ ڌڪ سان 30 ٽيهه روپيا وڌائڻ. ۽ اتي وري هي ڳالهه به ڪرڻ ته هي فيصلا اسان دل تي پٿر رکي ڪري رهيا آهيون. تحريڪِ عدمِ اعتماد جي نتيجي ۾ جڙندڙ هاڻوڪي حڪومت جي ڪارڪردگي ۾ نئين ڪهڙي ڳالهه آهي؟ اسان سماجي فيصلا ته دل تي پٿر رکي ڪندا آهيون جهڙوڪ رشتيداري ڪرڻ، پنهنجي ڪنهن مٽ مائٽ کي برادري مان ڪڍڻ يا شهرن ۾ آباد ٿيڻ جي لاءِ پنهنجا اباڻا گهر ڇڏڻ پر سياسي فيصلا ته هڪ مربوط ۽ مروج پاليسي تحت ڪيا ويندا آهن اهوئي هڪ خاص سبب آهي جو اسان کي هر حڪومت جي زبان ساڳي ئي نظر ايندي آهي يعني عالمي مالياتي ادارن سان ڪيل معاهدن تي من و عن عمل ڪرڻ، ملڪي ادارن سان ڪيل وعدن کي پاڻي ڏيڻ ۽ پنهنجي پنهنجي پارٽي جي مفادن کي تحفظ فراهم ڪرڻ. جيتري قدر عوام جو تعلق آهي ته اهو ڪلهه به هڪ ٻارڻ طور استعمال ٿيندو رهيو آهي، اڄ به ٿي رهيو آهي ۽ آئيندي به ٿيندو رهندو.

حڪومتون حقيقتون ڇو ڪونه ٿيون ٻڌائين. پٿر، لوهه، ٽامي جي دور  ۽ زرعي، صنعتي، مواصلاتي انقلاب کانپوءِ اڄڪلهه سوشل ميڊيا جو نه ختم ٿيندڙ سلسلو ۽ نظام هلي رهيو آهي. اڄڪلهه جي دور ۾ ڪابه ڳالهه لڪائڻ ممڪن ئي ناهي. ڪو وقت هو عوام کي نلڪن، نالين، گهٽين کي پڪو ڪرڻ ۽ ڪا انڌي منڊي نوڪري جو ڏٽو ڏئي برادري جي بنياد تي ووٽ ورتا ويندا هئا. بعد ۾ شهيدن جي نالي ۾ ووٽ ورتا ويا جيڪو سلسلو اڄ به جاري آهي پر عوام کي نه ڪلهه ڪنهن اڻ ٿيڻي کان اگاهه ڪيو ويو (بنگال جو سانحو) ۽ نه اڄڪلهه انهن انديشن جي باري ۾ ٻڌايو وڃي ٿو جن انديشن جي باري ۾ عمران خان ڏينهن رات هڪ ڪري نيوٽرل کي نيوٽرل هجڻ جا طعنا ڏي رهيو آهي. الٽو حڪومت کي سندس جي هن بيان “اسٽيبلشمنٽ درست فيصلا نه ڪيا ته فوج تباهه ٿي ويندي، ملڪ 3 ٽڪر ٿي ويندو، ائٽمي اثاثا به کسجي ويندا.” تي حيرت ٿي آهي. عمران خان ملڪ جو وزيرِاعظم رهيو آهي ۽ ڪا به اهڙي ملڪي، اوڙيِ پاڙيِ يا عالمي سرگرمي يا سازش جيڪا ملڪ جي خلاف ٿي هوندي ته ملڪي سلامتي تي مامور ادارن جي سربراهن پاران بطور ملڪي سربراهه جي هن کي ضرور آگاهي ڏني وئي هوندي پر حڪومت ۾ هجڻ سبب هن انهن سرگرمين ۽ سازشن جي باري ۾ ايئن اظهار ڪرڻ کان لنوايو هجي جيئن هاڻي هو ڪري رهيو آهي ڇاڪاڻ جو بار جڏهن ڪلهن تي هجن ٿا ته گهڻيون ڳالهيون لڪائڻيون پونديون آهن.

اسان وٽ حڪومت عمران خان جي هجي يا شهباز شريف جي يا ڪنهن ملائڪ سڳوري جي مهانگائي تي ضابطو آڻڻ مشڪل کان مشڪل تر ٿيندو ويندو، ملڪ ۾ ڪجهه اهڙا سرمائيدار به آهن جيڪي هر حڪومت جي مدد صرف انهيءَ ڪري به ڪندا آهن ڇاڪاڻ جو صرف تيل جا اگهه وڌائڻ سان هنن کي ڏينهن ۾ ڪروڙن جو فائدو ٿئي ٿو. جهڙي طرح هر حڪومت عالمي مالياتي ادارن سان ڪيل معاهدن جو تحفظ ڪرڻ سان گڏ پنهنجي سخت کان سخت کنيل قدمن کي جواز بخشي ٿي اتي اهو ڪيئن ممڪن آهي ته اها انهن سرمائيدارن جي مفادن جو تحفظ نه ڪندي هوندي. ٿورو تاريخ جو جائزو وٺو. فوجي حڪومت عسڪري مفادن جي تحفظ ڪيو آهي، پيپلز پارٽي جاگيردار جي مفادن جو، مسلم ليگ (ن هجي ش) صنعت ڪارن جي مفادن جو، ۽ پي ٽي آئي اشرافيا جي مفادن تحفظ ڪيو آهي. عوام جي زندگين ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ ته ڪنهن به حڪومت جي ترجيح رهيو ئي ناهي.

هاڻي هي ته ٿيون عوامي مفاد جون ڳالهيون جن لاءِ اسان گهٽ ۾ گهٽ اميد ته ڪري سگهون ٿا پر عمران خان جن جن انديشن، خدشن، سازشن ۽ سرگرمين جون ڳالهيون ڪري ٿو منهنجي خيال ۾ هاڻوڪي حڪومت کي انهن بيانن کي سياست جي نظر نه ڪرڻ گهرجي ۽ هڪ اهڙي ڪميشن ويهارڻ جو اعلان ڪرڻ گهرجي جيڪا عمران خان جي بيانن جي روشني ۾ سازشن تان پردو هٽائي ۽ ان کي ناڪام بڻائي ڇاڪاڻ جو هي ملڪ جي وجود ۽ ايٽمي اثاثن جو سوال آهي ٻيو هي ته ان سازش کان عوام کي پوري طرح سان باخبر رکيو وڃي. هڪ اڳوڻي وزيراعظم جي بيانن کي مذاق بڻائڻ يا هن تي غداري جا مقدما دائر ڪرڻ جو انجام به اهوئي ٿيندو نظر اچي ٿو جيڪو عمران سرڪار پاران پنهنجي سياسي مخالفن خلاف داخل ڪيسن جو ٿيو آهي. هي سياست آهي جيڪا صرف ئي صرف مفادن جي راند آهي هن ۾ سچ، اصول، ضابطن يا حق جي ڳالهه ڪرڻ مذاق بڻجي ويندي آهي. تاريخ جو هي ڪيڏو نه وڏو مذاق آهي ته جن کي ڪلهه ڪرپٽ ترين جا درجا ڏنا پئي ويا اڄ اهي ملڪ تي حڪمراني ڪري رهيا آهن ۽ عمران خان کي ساڳن لقبن سان نوازي رهيا آهن. سو جيستائين اسان کي ڪو رهبر نصيب ٿئي تيسيتائين اسان کي سياستدانن ۽ ادارن پاران پيدا ڪيل مهانگائي کي سواءِ “ها مان حاضر آهيان” چوڻ جي ٻي ڪابه راهه نظر ڪونه ٿي اچي.