خرابين جي خيابان ۾ کڙندڙ گل

0
533
جمهوري راند جا اصول طئي ڪريو

خبرون خراب آهن. بجلي 9 رپيا، سنڌي گيس 45 سيڪڙو ۽ پيٽرول 40 سيڪڙو وڌي 210 رپيا لٽر ٿي چڪو آهي! خزاني جو وزير چوي ٿو ته اڃان به سرڪار پيٽرول تي 8 رپيا رعايت ڏئي ٿي. عالمي منڊي ۾ ڪچو تيل 119 ڊالر بيرل آهي. اوپيڪ پيداوار وڌائڻ جو اعلان ڪيو آهي پر ان سان عالمي قيمتن ۾ ڪا لاٿ ڏسڻ ۾ ناهي آئي. پيوٽن جا خزانا پابندين باوجود ڀرجندا پيا وڃن جيڪو تيل جي پيداوار گهٽائي رهيو آهي. ڪي ماهر چون ٿا ته 100 ڏينهن پراڻي يوڪريني جنگ جي اينگهجڻ جي صورت ۾ نه فقط خوراڪ جي قلت ايشيا آفريڪا جي لکين غريب ماڻهن کي بک وگهي ماري ڇڏيندي پر تيل به 175 ڊالر بيرل تي پهچي سگهي ٿو. تاريخي رڪارڊ 147 ڊالر بيرل رهيو آهي جڏهن ملتاني مرشد گيلاني جي گورنمينٽ ۾ هڪ لٽر پيٽرول 100 رپيا ٽپي چڪو هو.

تڏهن رپئي جي ايتري بيقدري به نه هئي ۽ هڪ ڊالر 70 رپين برابر هو پر هن وقت اهو ٽيڻ جي ويجهو آهي. جنهن جو مطلب اهو ٿيوته پيٽرول بنا ليوي ۽ سيلز ٽيڪس جي 300 رپين تي پهچي سگهي ٿو جنهن سان مهانگائي جيڪا ھن وقت 20 سيڪڙو تي آھي 30 سيڪڙو کان به ٽپي سگهي ٿي. ان غيرمعمولي صورتحال کي هائپر انفليشن يا مها مهانگائي چئبو آهي. جنهن ڪري شين جي طلب ۽ پئداوار ۾ گهٽتائي ڪري بيروزگاري وڌندي آهي. ڪيئي ٽرانسپورٽ ۽ رائيڊر ڪمپنيون بند ٿي رهيون آهن. پر خراب خبرن جو سلسلو اتي بند ٿيڻو ناهي! اهي به خبرون آهن ته پاڪستاني بينڪن جا ليٽر آف ڪريڊٽ پرڏيهي بينڪون کولڻ کان انڪار ڪري رهيون آهن، جنهن ڪري پيٽرول جي راشن بندي ٿي سگهي ٿي. پيٽرول ۽ ٻين جنسن جي وڌندڙ قيمتن سبب هن وقت پرڏيهي واپار ۾ سراسري طور هر مهيني 4 ارب ڊالرن جي کوٽ آهي جنهن کي ڪنهن حد تائين پرديسي ماهوار اڍائي ارب ڊالر موڪلي پورو ڪن ٿا پر ايندڙ سال قرضن ۽ کوٽ لاءِ 37 ارب ڊالر گهربل آهن. ان ڪري فرق ايترو ته وڏو آهي جو رپئي جو ملھه گهٽبو ئي رهندو. آءِ ايم ايف عارضي ملم پٽي ڪري وڌيڪ رت وهڻ کان ته بچائي ويندي ۽ اسٽيٽ بينڪ به هر هر وياج وڌائي رپئي کي فائديمند بنائڻ جون ڪوششون جاري رکندي پر معاشي ۽ سياسي بيماري کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ ڊگهي عرصي جي مستقل علاج جي ضرورت آهي.

دنيا ۾ مالياتي ساک جو سرٽيفڪيٽ ڏيڻ جون ڪيئي ريٽنگ ايجنسيون آهن جن مان هڪ موديز به آهي جنهن پاڪستان جي ساک “مستحڪم” مان گهٽائي “منفي” ڪري ڇڏي آهي.موديز چيو آهي ته “ٻاهرين محاذ تي پنهنجي ضرورتن موجب مالي سهائتا حاصل ڪرڻ ۾ ڏکيائين ڪري غيريقيني پئدا ٿي رهي آهي.” ايجنسي وڌيڪ چيو آهي ته “مهانگائي ۽ رپئي جي ڪرندڙ ملھه ڪري پرڏيهي ڪرنسي جي ذخيرن تي دٻاءُ سبب اهي گهٽجي رهيا آهن ۽ صورتحال ان ڪري وڌيڪ ڳڻتي جوڳي آهي جو پاڪستان جا ادارا ڪمزور آهن ۽ حڪومت هلائڻ جي طريقي ۾ آئينده جي معاشي رخ بابت غيريقيني جي فضا قائم آهي جنهن ڪري آءِ ايم ايف جي پروگرام کي جاري رکڻ ۽ مالي سهائتا حاصل ڪرڻ بابت ڀروسي جوڳي پاليسي جي کوٽ آهي.

” البت ان يقين جو اظهار ڪيو ويو آهي ته “جون ۾ آءِ ايم ايف سان معاهدي بعد وڌيڪ ٻطرفي ۽ گهڻ طرفي مالي سهوليت ملي ويندي۽ اميد ته ٻن سالن لاءِ پاڪستان پنهنجي مالي کوٽ پوري ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو. مون ٻه هفتا اڳ ترڪي جي معاشي ماهر ۽ سياستدان ڪمال درويش جو ذڪر ڪيو هو جنهن کي تڏهوڪي وزيراعظم بلند اجوت ترڪي جي ٻڏندڙ معيشت کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ 2001ع ۾ معاشيات جو وزير مقرر ڪيو هو. ان وقت ترڪي ۾ مهانگائي 57 سيڪڙو هئي، معيشت 3 سيڪڙو سسي چڪي هئي، بينڪن جا ناقابل اڳاڙي قرض 20 ارب ڊالرن تي پهچي چڪا هئا. هو عالمي بينڪ ۾ 24 سال ڪم ڪم ڪري چڪو هو تنهن روايتي نسخا ڏئي مهانگائي کي گهٽائي 17 سيڪڙو تي پهچايو. معيشيت ۾ 5 سيڪڙو اوسر آئي پر هن سرڪاري خرچ 9 سيڪڙو گهٽايا، صحت ۽ تعليم کانسواءِ سمورين نين ڀرتين تي پابندي هنئي وئي. پگهارن ۾ واڌ کي گهٽايو ويو. ترڪش ايئرلائين کي خانگايو ويو. ليرا کي آزاد ڪيو ويو. آءِ ايم ايف 12 ارب ڊالر قرض ڏنو پر بيروزگاري وڌڻ سبب آءِ ايم خلاف مظاهرا شروع ٿي ويا ۽ بلند جي حمايت باوجود ڪمال اتاترڪ جي مداح ڪمال درويش کي ڏيڍ سال بعد ئي گهر موٽڻو پئجي ويو.

پاڪستان جي اڄوڪي سياسي ۽ معاشي صورتحال سادي نه پر غيرمعمولي آهي. اها ان ڪري به ته هتان جي آبادي تمام وڏي آهي، ماڻهن کي سائنس ۽ معيشت بابت ڪا گهڻي ڄاڻ ناهي ان ڪري هو هميشه ڪنهن نه ڪنهن معجزي جي انتظار ۾ هوندا آهن. اسان جي شاگردي جي زماني ۾ ڪنهن پرڏيهي ليکڪ لکيو هو ته “پاڪستاني هميشه الله، آميريڪا ۽ آرمي جي آسري هوندا آهن.” عمران خان آميريڪا کانپوءِ آرمي کي به ناراض ڪري ڇڏيو آهي،ان ڪري فقط الله سائين جو آسرو بچيو آهي!. آميريڪا کي راضي ڪرڻ لاءِ بلاول واشنگٽن ياترا کانپوءِ بيجنگ ۽ استنبول جا چڪر به ڪاٽي چڪو آهي پر اڃان تائين شهباز شريف جي 92 نمبر فون تي 01 نمبر جي گهنٽي ناهي وڳي.ميڊيا ۽ پارٽيون صحيح صورتحال نه پيون ٻڌائين. عمران خان چيو ته کيس نواز جون ناڪام پاليسيون ورثي ۾ مليون ۽ شريف اهو پيا چون ته عمراني حڪومت جي تباهه ڪن معيشت کين ورثي ۾ ملي آهي. ڪير به اهو سچ ٻڌائڻ لاءِ تيار ناهي ته فقط حڪومتون نه پر رياست بحران ۾ ورتل آهي ۽ حڪومتن جي تبديلي سان تيستائين گهڻو فرق نه پوندو جيستائين بنيادي تبديلين لاءِ کين ڪم ڪرڻ نه ڏنو ويندو! عمران خان ٽي وي انٽرويو ۾ چيو آهي ته “پاڪستان ۾ اصل مسئلو اسٽيبلشمينٽ آهي ۽ جي اسٽيبلشمينٽ صحيح فيصلو نه ڪيو ته مان توهانکي لکي ٿو ڏيان ته هو تباھه ٿيندا ۽ فوج جي تباهي سڀ کان پهريائين ٿيندي ۽ پاڪستان ٽن ٽڪرن ۾ ورهائجي ويندو.

”هن خبردار ڪيو ته “جي ملڪي معيشت تباھ ٿي ته ملڪ جو ڏيوالو نڪري ويندو ۽ دنيا پاڪستان کي چوندي ته پنهنجا نيوڪليئر اثاثا ختم ڪريو جيئن يوڪرين ۾ 1990ع جي ڏهاڪي ۾ ڪيو ويو.” هن اهو به چيو ته “پاڪستان خودڪشي ڪناري بيٺو آهي ۽ ڪنگال ٿي ويندو.”جيتوڻيڪ پاڪستان جي ٽن ٽڪرن ۾ ٽٽڻ جا ڪي آثار نظر نٿا اچن جنهن کي ڳنڍڻ ۾ سنڌو جو به وڏو هٿ آهي پر اهو به ماحولياتي تبديلين ۽ حڪمرانن جي بي عقلين ڪري سڪندو پيو وڃي. ميڊيا ۽ عمران خان جا سياسي مخالف سندس بيان جو غيرجانبدار تجزيو ڪرڻ بجاءِ ان جي مذمت ڪري رهيا آهن ڇوته سندس بيان اگهاڙو هو ۽ رانديگر پنهنجي ناتجربيڪاري ڪري بند گهٽي ۾ ڦاٿل آهي، جنهن مان نڪرڻ لاءِ هو ڪڏهن اڳتي ته ڪڏهن پوئتي گهتون هڻي رهيو آهي. ضرورت ان جي آهي ته مٿس غداري جو مقدمو داخل ڪرڻ بجاءِ کيس بند گهٽي مان نڪرڻ جي راهداري ڏني وڃي. سندس بيان تڪراري هوندي به ڪچري ڪنڊي ۾ڦٽو ڪرڻ مناسب ناهي. حضرت علي چيو آهي ته “اهو نه ڏسو ته ڪير ٿو چوي پر اهو ڏسو ته ڇاٿو چوي!” حقيقت اها آهي ته ڪورونا ۽ يوڪرين جنگ گلوبلائيزيشن کي بريڪ هنئي آهي ۽ دنيا بدلجي چڪي آهي. جنهن ملڪي ڏارن کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي.

صورتحال ايتري ته گهمبير آهي جو عام ماڻهو پڇن ٿا ته اسان جو حال سريلنڪا وارو ته نه ٿيندو! جيتوڻيڪ اسٽيٽ بينڪ جي گورنر چيو آهي ته پاڪستاني صورتحال سريلنڪا کان مختلف آهي پر مستقل مزاجي سان بنيادي قدم کڻڻ ضروري آهن. سڀ کان پهريائين رياستي حئيت تبديل ڪر ي ان کي جمهوري فلاحي بنائڻو پوندو. 1940ع جي لاهور ٺهراءَ موجب وفاقي ايڪائين کي رياست جا ٿنڀا ٺاهڻو پوندو. وفاق کي آئين موجب انتظامي خرچ گهٽائڻ لاءِ ارڙهين ترميم موجب ڊپليڪيشن ختم ڪري کاتا صوبن کي منتقل ڪرڻا پوندا. وفاق کي اسمارٽ ٿيڻو پوندو ۽ پاڻ وٽ دفاع، پرڏيهي معاملا، ڪرنسي، صوبائي رابطي جا کاتا رکڻا پوندا. صوبن کي به ميونسپل اختيار مڪمل طور هيٺ منتقل ڪرڻا پوندا. عدليه ۽ انتظاميه کي جمهوري ۽ وفاقي بنائڻو پوندو. آبادي جي واڌ تي ضابطو آڻڻو پوندو. اڌ کان وڌيڪ ملڪي آبادي عورتن کي تعليم ڏئي معيشت جي مک ڌارا ۾ آڻي سندن انتظامي صلاحيتن مان فائدو حاصل ڪرڻو پوندو. عقيدن کي پنهنجي ذاتي زندگي تائين محدود رکي سماج کي جمهوري سائنسي بنائڻو پوندو. بنا مداخلت مسلسل صاف سٿريون چونڊون ڪرائڻيون پونديون.

چونڊيل حڪومتن کي گورننس بهتر بنائڻي پوندي. روائتي طريقا نه هلندا. سندن ڪارڪردگي تي عوام نظر رکي ۽ ووٽ وسيلي سندن احتساب ڪري. احتساب جي ادارن وسيلي پسند ناپسند موجب احتساب هاڻي گهڻو خوار ٿي چڪو آهي جنهن کي بند ڪرڻو پوندو. ٽيڪسن جو ظالماڻو نظام بدلائڻو پوندو. اڻسڌن بجاءِ سڌن يا آمدني ٽيڪسن تي ڀاڙڻو پوندو. پگهاردارن تي ٽيڪس وڌائڻ بدران ٽيڪس دائري مان ٻاهر اميرن تي ٽيڪس هڻڻو پوندو. کاڌ خوراڪ جي شين تي سيلز ٽيڪس ختم ڪرڻو پوندو. بيمار سرڪاري ادارن خاص ڪري بجلي گهرن کي ان شرط سان وڪڻڻو پوندو ته نوان مالڪ زمين ڪڏهن به وڪرو ڪري نه سگهندا. کاڌي جي تيل، ڪڻڪ، دالين، کنڊ ۾ پاڻ ڀرو ٿيڻو پوندو.ورڪ فرام هوم کي همٿائڻو پوندو. ڪاروبار سج لٿي کان پهريائين بند ڪرڻو پوندو. مهانگي تيل ڪوئلي بدران ماحول دوست سستي سولر ۽ ونڊ مل تي ڀاڙڻو پوندو.ماحول کي بهتر ڪرڻ لاءِ 22 ڪروڙ ماڻهن کي پنهنجي نالي ۽ نئين ڄمندڙ ٻار جي ڇٺي تي هڪ ٻوٽو پوکي ان جي پنهنجي ٻار جيان سنڀال ڪرڻي پوندي. وڻ جي ڪٽڻ کي قتل سمجهڻو پوندو. پبلڪ ٽرانسپوٽ ۽ ريل کي بهتر ڪري ماڻهن کي همٿائڻو پوندو ته هو پنهنجون گاڏيون گهر ڇڏي اچن. ايئن توانائي جي بچت سان پرڏيهي ناڻو بچائي رپئي کي مضبوط ۽ مهانگائي کي گهٽائي سگهجي ٿو.ان لاءِ ضروري آهي ته سڀ ڌريون جامع ڳالهين جي شروعات ڪري ڪنهن عهدنامي تي متفق ٿين.ايئن خراب خبرن جي خيابان مان به گل کڙي سگهن ٿا.