لاهور  (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي صدر چوڌري پرويز الاهي انڪشاف ڪندي چيو آهي ته عمران خان تي قاتلاڻي حملي جي ايف آءِ آر مون ئي روڪرائي هئي. هڪ انٽرويو ۾ ڳالهائيندي چوڌري پرويز الاهي چيو ته ٻه ٽي شيون ٽيڪنيڪل هيون، ان ڪري ايف آءِ آر مون روڪرائي ڇڏي هئي. هن چيو ته توهان ڪنهن جج خلاف به ايف آءِ آر نٿا ڏئي سگهو ، اسان چيو فوج جي اداري خلاف ايف آءِ آر نٿا ڏئي سگهون. ياد رهي ته پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان الزام هنيو هو ته هڪ جرنيل مٿس ٿيل قاتلاڻي حملي جي ايف آءِ آر ٿيڻ نه ڏني هئي.