اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سڌ سماءَ جي وفاقي وزير مريم اورنگزيب تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي تقرير جو جواب ڏيندي کيس ٻهروپيو قرار ڏيندي چيو آهي ته حق صرف  قانون ۽ آئين تحت آهن، هر شهري پنهنجي حقن جي تحفظ جو پورو قانوني حق رکي ٿو، جنهن جي تقاضا آهي ته ٿاڻي ۽ عدالت وڃي ثبوت ڏجن، هن چيو ته آئيني حق ٽوئيٽر، ريلي، جلوسن سان ناهن ملندا، ثبوت کڻي عدالت ۽ ٿاڻي وڃو، هنچيو ته ڪوڙا الزام لڳائڻ، الزام هڻڻ ڪنهن جو نه قانوني حق آهي نه آئيني حق آهي،  جيڪي الزام توهان ٻين تي لڳايا توهان پاڻ مجرم نڪتا.