عمران خان، شيخ رشيد ۽ فواد چوڌري سميت 150 کان وڌيڪ ماڻهن خلاف ڪيس داخل

0
184
عمران خان، شيخ رشيد

ڪراچي (م ڊ) اسلامي عقيدن جي مبينا توهين ڪرڻ واري الزام ۾ عمران خان، شيخ رشيد، فواد چوڌري ۽ شهباز گل سميت 150 کان وڌيڪ ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي

شيخ رشيد جي ڀائٽي ۽ پي ٽي آءِ ايم اين اي راشد شفيق کي اسلام آباد ايئرپورٽ تان گرفتار ڪيو ويو، گرفتاري بعد کين فيصل آباد منتقل ڪيو ويو آهي

ڪيس ۾ نامزد وڌيڪ ماڻهن جي گرفتاري جو به امڪان آهي، گهرو وزير راڻا ثناءُ الله به عمران خان ۽ شيخ رشيد جي گرفتاري جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي

هن چيو ته مسجد نبوي جي حرمت کي پامال ڪيو ويو، هنن پنهنجي خراب سياست کي مسجد نبوي تائين پهچايو، ان معاملي ۾ ڪنهن کي به معافي نه ملڻ گهرجي ۽ نه ئي معافي ملندي

راڻا ثناءُ الله چيو ته جيڪڏهن ثبوت هوندا ته عمران خان ۽ شيخ رشيد کي به گرفتار ڪري سگهجي ٿو، راولپنڊي ۽ فيصل آباد ۾ هن وقت تائين 2 ڪيس داخل ٿي چڪا آهن، 50 جي لڳ ڀڳ ماڻهن وڌيڪ درخواستون به داخل ڪيون آهن، قانون پنهنجو رستو ٺاهيندو

ھي به پڙھندا

نواز ليگ ۽ پ پ جي مبينا ڪرپشن جو اڇو چٺو جاري، پاڪستاني هنن کي حڪمران مڃڻ کي توهين سمجهن ٿا: عمران خان