اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر ميثاق معيشت جي آڇ ڪندي چيو آهي ته معاشي آزادي کانسواءِ آزادي جو تصور ناممڪن آهي، عمران خان تباهي آندي، اڳوڻي حڪومت 48 ارب ڊالر تجارتي خسارو ڪيو، 30 هزار ارب قرض ورتو ان ڪري قرض وٺڻو پيو، ڇا اها حقيقي آزادي آهي؟ مالي محتاجي قومي سڃاڻپ بڻجي وئي آهي، ڏڦيڙ ۽ نفرت جا ٻج ڇٽي قوم کي ورهايو پيو وڃي. ٽي وي ذريعي قوم کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اڄ رڳو مبارڪباد ڪافي ناهي، يقينن هر سال اسان ڌوم ڌام سان آزادي جو ڏينهن، پاڪستان جو ڏينهن، قائد جو ڏينهن، يوم اقبال ملهائيندا آهيون، پر حقيقت اها آهي ته گذريل 75 سالن ۾ اسان انهن ڏينهن کي رڳو ملهايو آهي پر انهن ڏينهن جي اصل مقصدن  کي اپنايو ناهي ۽ پاڪستان کي اهڙو نه بڻايو آهي جنهن کي ڏسي اسان جي دل اها گواهي ڏئي ته قائد ۽ لکين شهيدن جا روح خوش ٿيندا، اڄ اسان کي کليل دل سان سچائي جو اعتراف ڪرڻو پوندو ته اسان پنهنجي ٻارن، نئين نسل کي اهو سڀ ڪجهه نه ڏئي سگهياسين جنهن جا اهي اصل ۾ حقدار آهن، قوم ڇو منزل جي ڳولا ۾ ڀٽڪي رهي آهي، اسان بحرانن جي ور ڇو چڙهي ويا سين، جن ۾ سڀ کان وڌيڪ معاشي بحران آهي، هن چيو ته تعمير پاڪستان جي مشن کي اسان جي سياسي قيادت جمهوري ۽ آئيني جدوجهد ذريعي ملڪ کي اڳتي وڌايو، شديد مالي، انتظامي سميت هر طرح جي مسئلن جو صبر ۽ دانشمندي سان مقابلو ڪيو، هن ئي قوم وسيلا نه هجڻ باوجود ذوالفقار علي ڀٽو جي قيادت ۾ ايٽمي پروگرام شروع ڪيو ۽ نواز شريف جي قيادت ۾ ان کي مڪمل ڪري قومي دفاع کي هميشه لاءِ ناقابل شڪست بڻائي ڇڏيو، قوم زلزلن ۽ ٻوڏ جي تباهه ڪارين جو مقابلو ڪيو، هن ئي قوم گڏجي دهشتگردي کي شڪست ڏني، وزيراعظم چيو ته اسان جي قوم هر مقصد کي حاصل ڪرڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي، پر قوم کي اڄ مايوسي جو هڪ ٻيو بحران سامهون آهي، ڏڦيڙ ۽ نفرت جا ٻج پوکيا پيا وڃن، شهباز شريف چيو ته اڳوڻي حڪومت جي پيدا ڪيل معاشي بحران ان صورتحال کي وڌيڪ سنگين بڻائي ڇڏيو آهي، اڄ مالي محتاجي ڄڻ اسان جي قومي سڃاڻپ ٿي وئي آهي، هن چيو ته اسان مختصر وقت ۾ ملڪ کي معاشي بحران کان ڪڍڻ لاءِ ڏينهن رات محنت ڪئي آهي جيڪا جاري آهي، پاڪستان کي معاشي طور ڏيوالي ٿيڻ کان بچائي ورتو آهي، هن چيو ته اڳوڻي حڪومت 48 ارب ڊالر جو تاريخي تجارتي خسارو ڇڏيو آهي، جنهن خساري کي گهٽ ڪرڻ لاءِ اسان کي دوست ملڪن ۽ عالمي مالياتي ادارن کان قرض وٺڻو پيو آهي، ڇا اها حقيقي آزادي آهي؟، اڳوڻي حڪومت پوڻن چئن سالن ۾ 30 هزار ارب رپين جو قرض ورتو، جنهن جي وياج جي ادائگي ئي مشڪل بڻجي وئي آهي، ڇا اها حقيقي آزادي آهي؟، 18-2017ع ۾ اسان پاڪستان کي ڪڻڪ پيداوار ۾ خود ڪفيل ڇڏي ويا هئاسين، هاڻ ڪڻڪ پرڏيهه مان گهرائي رهيا آهيون ڇا اها حقيقي آزادي آهي، اڳوڻي حڪومت ڪرپشن، سنگين ۽ مجرماڻي غفلت ڪندي سستي ايل اين جي خريداري جو معاهدو نه ڪيو جنهن ڪري اڄ لوڊشيڊنگ ۽ مهانگي بجلي آهي، وزيراعظم چيو ته ڇا مان اهو پڇي سگهان ٿو ته عمران حڪومت ڪنهن جي اشاري تي سي پيڪ منصوبن کي بند ڪري پاڪستان کي ناقابل تلافي نقصان پهچايو؟ هن چيو ته اسان هزارين ميگاواٽ سولر ذريعي پيدا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي،  جنهن سان اربين ڊالرن جي بچت ٿيندي، عوام کي سستي بجلي به ملندي، هن چيو ته اسان عزم ڪيو آهي ته پاڪستان کي معاشي خود انحصاري جي رستي تي آڻينداسين، ڇو ته معاشي آزادي کانسواءِ آزادي جو تصور ناممڪن آهي، ان ڪري مون اپوزيشن ليڊر طور ميثاق معيشت جي پيشڪش ڪئي هئي ۽ وزيراعظم طور اڄ وري خلوص دل سان ان جي آڇ ڪري رهيو آهيان، وقت جي تقاضا آهي ته هاڻي اسان قوم طور درست رخ ۾ پنهنجي سفر کي جاري رکون ۽ قومي مفاد کي ذاتي، انا، ضد ۽ هٺ ڌرمي جي ور چڙهڻ نه ڏيون، حقيقي  سياسي قيادت چونڊن تي نه پر انيدڙ نسلن جي مستقبل تي نظر رکندي آهي ، اسان کي بيرحم حقيقتون سامهون آهن، جنهن جو مقابلو اسان قومي اتفاق راءِ، پاليسين جي تسلسل،معاشي ۽ سياسي استحڪام سان ئي ڪري سگهونٿا، جنهن جذبي تحت پاڪستان ٺهيو هو، ان جذبي سان پاڪستان جي تعمير ڪنداسين، 14 آگسٽ هڪ ڏينهن آهي اچو ته اسان ان ڏينهن تي هڪ قوم بڻجي وڃون.