لاهور (م ڊ) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري وفاقي حڪومت کي خبردار ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن بني گالا تي ڇاڇا هنيا ويا ته پوءِ جاتر امرا ۽ ليگي اڳواڻن جا گهر به پري ناهن. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته گهرو وزير را نا ثناءُ الله ۽ ٻين خلاف جاچ شروع ڪئي وئي آهي، رانا ثناءُ الله ۽ عطا تارڙ کي ڇا جو خوف آهي، اچن ۽ پاڻ کي قانون اڳيان پيش ڪن. هڪ سوال جي جواب ۾ فواد چوڌري چيو ته جيڪڏهن مخالفن بني گالا تي چڙهائي ڪندا ته جاتي امرا ۽ نواز ليگ قيادت جا گهر به پري ناهن، اسان اسٽريٽ موومينٽ شروع ڪئي ته هيءَ حڪومت 5 ڏينهن به نه هلي سگهندي. شهباز گِل بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ فواد چوڌري چيو ته شهباز گِل تي تمام گهڻو دٻاءُ وڌو ويو  ته هو  چئي ته هن عمران خان جي چوڻ تي بيان ڏنو آهي پر شهباز گِل ڪالهه عدالت ۾واضح ڪري ڇڏيو ته هن اهو بيان پاڻ ڏنو هو. فواد چوڌري چيو ته اهڙو ڪو به اجلاس ناهي ٿيو نه ئي بيان ڏنو ويو آهي، رانا ثناءُ الله کي ڪهاڻيون گهڙڻ جو شوق آهي. تڪڙين چونڊن بابت سوال جي جواب تي پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته شهباز شريف چونڊن جو اعلان ڪري ته فريم ورڪ تي ڳالهيون ڪري سگهون ٿا. جڏهن ته حڪومت جو مطالبو هوندو ته اسان پنجاب ۽ ڪي پي جي  جون حڪومتون ختم ڪري ڇڏيون. فواد چوڌري چيو ته اسان کي ٻن صوبن جون حڪومتون ختم ڪرڻ جو چيو ويو ته اسان سنڌ حڪومت جي خاتمي جي ڳالهه ڪنداسين. هن چيو ته صوبائي حڪومتون ڪرڻ واريون ڳالهيون اليڪشن فريم ورڪ آهن، پهرين چونڊن جو اعلان ته ڪريو پوءِ ان معاملي تي ڳالهيون به ٿي سگهن ٿيون. فواد چوڌري چيلنج ڪندي چيو آهي ته شهباز شريف ۽ فضل الرحمان ۾ همٿ آئي ته عمران جي مقابلي ۾ اليڪشن وڙهن، نواز ليگ ۽ پيپلزپارٽي فيصلا لنڊن ۾ ڪرائينديون آهن اسان پاڪستان جا فيصلا پاڪستان ۾ ڪنداسين.