شڪارپور ۾ قتل ٿيل ٽيڪسي ڊرائيور جي وارثن جو لاش رکي ڌرڻو

0
158
شڪارپور ۾ قتل ٿيل

شڪارپور (رپورٽر) شڪارپور ۾ قتل ٿيل ٽيڪسي ڊرائيور جي وارثن پاران لاش رکي ڌرڻو ھنيو ويو آھي، شڪارپور ۾ گذريل رات هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل ٽيڪسي ڊرائيور جي وارثن مقتول جو لاش رکي ڌرڻو ھنيو

گذريل رات هٿياربندن عبدالرحيم پٽ عبدالغفور پهوڙ کي گوليون هڻي قتل ڪيو هو، جوابدار جو پتو نھ پئجي سگھيو، مقتول جي گھر ۾ روڄ راڙومتل آھي

مقتول جي وارثن موجب هٿياربندن عبدالرحيم پٽ عبدالغفور پهوڙ کي گوليون هڻي قتل ڪيو هو، واقعي کي 16 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس هن وقت تائين ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو

ايس ايس پي موجب ڪار ڊرائيور جي قتل واري واقعي جي جاچ لاءِ 3 رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي

وارثن سان مسلسل رابطي ۾ آهيان، قاتلن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو، ڏوھارين کي بخش نھ ڪيو ويندو

ھي به پڙھندا

ايس ايڇ او جي تڪراري  آڊيو وائرل

پاڪ ڪتاب جو واسطو اٿئو، منشيات فروشن کان منٿلي نه وٺجو: باڊهه ۾ پوليس اهلڪارن کي حلف کڻائڻ واري وڊيو وائرل