علي زيدي اشتهاري قرار: 9 مئي جي واقعن جي مذمت ڪيان ٿو: حليم عادل شيخ

0
167

ڪراچي (رپورٽ: نظير ميمڻ) پي ٽي آءِ اڳواڻ حسان نيازي کي فرار ڪرائڻ واري ڪيس ۾ حليم عادل شيخ ۽ ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا

پي ٽي آءِ اڳواڻ راجا اظهر کي سرڪاري ڪم ۾ مداخلت واري ڪيس ۾ عدالت آڏو پيش ڪيو ويو

عدالت استحڪام پاڪستان پارٽي جي اڳواڻ علي زيدي کي اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو، عدالت جاچ آفيسر کان جوابدار جي  ملڪيت جا تفصيل به  طلب ڪري ورتا

عدالت حليم عادل شيخ تي فرد  جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ 9 ڊسمبر جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي

حليم عادل شيخ جو چوڻ هو ته جسٽس مقبول باقر کي رول ماڊل هجڻ گهرجي، 9 مئي جي واقعن جي مذمت ڪيا ٿو

ميڊيا سان ڳالهائيندي حليم عادل شيخ چيو ته چيف جسٽس قاضي فائز مان اميدون آهن، اسان ادارن سان گڏ آهيون

هن چيو ته  ايندڙ اليڪشن ۾ سڄي سنڌ جي سمورن تڪن تي اميدوار بيهاريا  ويندا، ڦورو ڊي ايس پي کي پروٽوڪول ڏنو پيو وڃي پر اسان تي پابنديون مڙهيون پيون وڃن