عريش فاطمه دنيا جي سڀني کان ننڍي عمر واري مائيڪروسوفٽ پروفيشنل بڻجي وئي

0
202

ڪراچي (انٽريسٽنگ نيوز) پاڪستان جي چار ساله عريش فاطمه دنيا جي سڀني کان ننڍي عمر واري مائيڪرو سوفٽ پروفيشنل بڻجي وئي.رپورٽ موجب ڪراچي سان تعلق رکندڙ عريش فاطمه مائيڪرو سافٽ جي پروفيشنل امتحان ۾ شرڪت ڪئي. مائيڪروسوفٽ جي اهتمام هيٺ امتحان کي پاس ڪرڻ جي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 700 پوائنٽن جي ضرورت هوندي آهي. جڏهن ته معصوم عريش فاطمه 831 پوائنٽس حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب رهي. ان ڪاميابي کيس ان ذهين پاڪستانين جي لسٽ ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي جنهن ننڍي عمر ۾ ايم سي پي جي سند حاصل ڪئي.رپورٽ موجب اريش جي والدين جڏهن پنهنجي ڌيءَ ۾ انٽرنيٽ جي حوالي سان نيون شيون سکڻ جي صلاحيت ۽ تجسس کي ڏٺو ته انهن ان جي دلچسپي ڪمپيوٽر سکڻ طرف ڪئي. عريش جو والد جيڪو آءِ ٽي جي شعبي سان لاڳاپيل آهي. هن پنهنجي ڏيءَ جي ذهانت ۽ دلچسپي کي ڏسندي ان جي ڪمپيوٽر اسڪلز سکڻ/ڏسو صفحو 8 بقايا 04
۾ ان جي رهنمائي ڪئي.ڪورونا جي دوران لاڪ ڊائون ۾ عريش جي والد کيس مائيڪرو سافٽ ورڊ ۽ مائيڪرو سافٽ آفيس تي ڪم ڪرڻ سيکاريو ۽ هو پنهنجي بهترين ياداشت سبب ان ٻنهي سوفٽ ويئرز ۾ مهارت حاصل ڪندي وئي ۽ آخرڪار امتحان پاس ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي.