وارث ڏنو ماڇي ۾ عورتن جو حملي جا جوابدار گرفتار نھ ٿيڻ خلاف ڌرڻو

0
306

وارث ڏنو ماڇي (ن پ ا) وارث ڏنو ماڇي ويجهو ڳوٺ پاوڙو جوڻيجو واسي عورتن پاڪ ڪتاب کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنهن سبب ٻنهي پاسن کان گاڏين جون قطارون لڳي ويون،ان موقعي تي مظاهرين پناهه خاتون، فرزانه خاتون، زرينا خاتون ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ڪجهه مهينن کان جوڻيجو ڌر سان باهه ڏيڻ جي معامري تان جهيڙو هلندڙ آهي، گذريل ڏينهن جوابدار ڌر اسان تي حملو ڪري فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ اسان جي هڪ عورت موران زال منظور جوڻيجو زخمي ٿي پئي، پوليس به هنن سان ٻٽ بڻيل آهي ۽ جوابدارن کي گرفتار نٿي ڪري.