ڪراچي(ڪامرس نيوز) عالمي مارڪيٽ ۾ قيمتون گهٽجڻ باوجود ملڪ ۾ سون مهانگو ٿي ويو آهي ۽ هڪ ڏينهن ۾ قيمت ۾ 900 رپيا في تولو اضافو ٿيو آهي. مليل اطلاعن موجب عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 16 ڊالر في اونس گهٽجي وئي آهي ۽ في اونس هڪ هزار 870 ڊالرن ۾ وڪرو ڪيو ويو، پر ملڪي صرافا مارڪيٽن لاهور، ڪراچي، اسلام آباد، پشاور، ڪوئيٽا، حيدرآباد، سکر، راولپنڊي، گجرانوالا ۽ ٻين شهرن ۾ في تولو سون جي قيمت ۾ 900 رپين جو اضافو ٿيو ۽ في تولو قيمت هڪ لک 8 هزار 550 رپيا ٿي وئي. 10 گرام سون جي قيمت 772 رپيا وڌي 93 هزار 64 رپيا ٿي وئي. چاندي جي قيمت برقرار رهي 1247 رپيا تولو وڪرو ٿي.