طوفان جو خطرو: سنڌ جي ساحلي پٽيءَ مان هزارين ماڻهن جي لڏپلاڻ

0
375
طوفان جو خطرو: سنڌ جي ساحلي پٽيءَ مان هزارين ماڻهن جي لڏپلاڻ
طوفان جو خطرو: سنڌ جي ساحلي پٽيءَ مان هزارين ماڻهن جي لڏپلاڻ

سامونڊي طوفان جي خطري سبب سنڌ جي ساحلي پٽيءَ مان هزارين ماڻهن جي لڏپلاڻ جاري، ٻيٽن، ڪِريڪس ۽ سمنڊ جي ڪنڌين تي آباد ڳوٺن مان ماڻهو محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿيڻ لڳا آهن

 جاتي جي ساحلي علائقن مان به ڪيترائي خاندان جاتي جي هاءِ اسڪول ڪيمپ پهچي ويا، حجامڙو ۽ ڀوري ڪريڪس جا رهواسي ڪيٽي بندر شهر توڙي ٻگهاڻ منتقل، ٺٽو، بدين، سجاول، گولاڙچي، چوهڙ جمالي ۽ ٻين ساحلي علائقن مان به لڏپلاڻ جاري آهي

 فوج، نيوي ۽ انتظاميا جي گڏيل ٽيمن پاران به ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو پيو وڃي، بدين جي زيرو پوائنٽ وارن علائقن مان به هزارين ماڻهو محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيا آهن

هي به پڙهندا

سامونڊي طوفان جي شدت ۾ اضافو، تيز برساتن جي اڳڪٿي: مهاڻن جي لڏ پلاڻ