طعنا ڏنا ويا ته اسٽيبلشمينٽ جو ماڻهو آهيان، ذاتي مفادن لاءِ ڪڏهن به آرمي چيف سان ملاقات ناهي ڪئي: شهباز شريف

0
303

وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته طعنا ڏنا ويا ته اسٽيبلشمينٽ جو ماڻهو آهيان، ذاتي مفادن لاءِ ڪڏهن به آرمي چيف سان ملاقات ناهي ڪئي، هڪ ئي مقصد هڪ آهي ته حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ گڏجي ملڪ کي اڳتي وڌائن

وزيراعظم شهبازشريف ڊجيٽل يوٿ حب پورٽل جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي، وزيراعظم تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ڊجيٽل يوٿ پروگرام تيز رفتاريءَ سان ملڪ ۾ پکڙجي رهيو آهي

هن چيو ته يوٿ پروگرام جي ذريعي ٻارڙن کي قرض ڏنو پيو وڃي، نوجوانن کي مختلف شعبن ۾ ڪاروبار جي لاءِ قرض ڏنو پيو وڃي

وزيراعظم شهبازشريف وڌيڪ چيو ته نوجوان کي مختلف شعبن ۾ ڪاروبار  لاءِ قرض ڏنو پيو وڃي، هن وقت تائين 30ارب رپين جو قرض ڏنو ويو آهي

هن چيو ته ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي يوٿ پروگرام جي تحت ليپ ٽاپ ڏنا پيا وڃن، ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي ڪاروبار  جي لاءِ قرض به ڏنو پيو وڃي، بجيٽ ۾ شاگردن جي لاءِ 80 ارب  رپيا رکيا ويا آهن

هي به پڙهندا

پاڪستاني ڪرنسي مضبوط، ڊالر جي قيمت ڪري پئي