سوشل ميڊيا کان ڊپ ٿيندو آهي، ماڻهن جا ٻه روپ آهن: ايمان علي

0
345
سوشل ميڊيا کان ڊپ ٿيندو آهي، ماڻهن جا ٻه روپ آهن: ايمان علي
سوشل ميڊيا کان ڊپ ٿيندو آهي، ماڻهن جا ٻه روپ آهن: ايمان علي

ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستان شوبز انڊسٽري جي خوبصورت اداڪارا ۽ ماڊل ايمان علي چيو آهي ته اسان جي انڊسٽري ۾ اهڙا ڊراما ۽ فلمون نٿا ٺاهيا وڃن جن ۾ عورتن لاءِ ڪا مخصوص ڪهاڻي هجي

خانگي ٽي وي چينل جي شو ۾ پاڪستان ۾ ڪيئن ڪنٽينٽ ٺاهيو پيو وڃي سوال جي جواب ۾ ايمان علي چيو ته هن ڪيترائي سال سٺي ڪردار جي آڇ جو انتظار ڪيو پر کيس ڪا به سٺي آڇ نه ٿي

هن چيو ته اسان وٽ عورتن لاءِ ڪا به مخصوص ڪهاڻي ناهي لکي ويندي جنهن ۾ ڪا اداڪارا مک ڪردار نڀائي سگھي

سوشل ميڊيا تي ٽرولنگ جي ٽرينڊ جي حوالي سان پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي ايمان علي چيو ته سوشل ميڊيا تي ته ڊپ ٿيندو آهي، هر انسان جا ٻه چهرا آهن سامهون ٻيو پٺيان ٻيو ان ڪري سوشل ميڊيا کان پري رهندي آهيان