اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ 6 سالن بعد زبردست تيزي

0
658

پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڇهن سالن بعد پهريون ڀيرو 49 هزار پوائنٽس جي حد بحال ٿي وئي، انٽر بئنڪ ۾ رپئي جي ڀيٽ ۾ ڊالر سستو ٿي ويو

 پي ايس ايڪس ۾ ڪاروبار  شروع ٿيندي ئي تيزي ڏسڻ وٽان، 100 انڊيڪس 463 پوائنٽس  جي واڌ کان پوءِ 49 هزار 228 پوائنٽس تي پهچي  وئي

 گذريل ڏينهن 100 انڊيڪس 48 هزار 764 پوائنٽس جي سطح تي بند ٿيو هو، ان کان اڳ 2017ع ۾ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 49  هزار جي حد بحال ڪئي هئي

 اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ تيزيءَ بعد ملڪي مارڪيٽ ۾ ڊالر جي وڌندڙ قيمت کي بريڪ لڳي ويو، انٽر بئنڪ ۾ ڪاروبار شروع ٿيڻ تي هڪ رپيو 28 پئسا گهٽتائي بعد ڊالر 288 رپيا 10 پئسن تي اچي ويو