ملير (رپورٽ: ناز شر) جيئي سنڌ محاذ پاران صنعان خان قريشيءَ کي 24 ڪلاڪن اندر ظاهر نه ڪرڻ جي صورت ۾ نيوسعيد آباد سپر هاءِ وي ٽول پلازا تي ڌرڻو هڻڻ ۽ سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي اعلانيل اڄوڪي احتجاج جي ڀرپور حمايت جو اعلان ڪيو ويو آهي. جسقم جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري امجد مهيسر، سرور خشڪ، ديدار شام، اطهر سومري ۽ ٻين جسقم جي اجلاس بعد ملير پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ان حوالي سان چيو ته جسقم چيئرمين صنعان قريشيءَ کي گهران کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي ۽ 2 ڏينهن گذرڻ باوجود صنعان خان قريشي جي گرفتاري ظاهر نه ڪئي وئي آهي. هنن چيو ته صنعان قريشيءَ کي گم ڪرڻ خلاف قوسين قريشيءَ پاران سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن به داخل ڪئي وئي آهي. اڳواڻن سنڌ حڪومت کي الٽيميٽم ڏيندي چيو ته جيڪڏهن 24 ڪلاڪن اندر جسقم چيئرمين صنعان قريشي کي ظاهر نه ڪيو ويو ته 13 جون تي نيو سعيد آباد ٽول پلازا تي تاريخي ڌرڻو هنيو ويندو، پرامن ڌرڻي کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته 20 جون کان جيل ڀريو تحريڪ هلائي ويندي. اڳواڻن چيو ته 11 جون تي ڪراچي کان ڪشمور تائين مظاهرا ڪيا ويندا. سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي 10 تاريخ تي ٿيندڙ اهم اجلاس ۾ جسقم شرڪت ڪندي. هنن مطالبو ڪيو ته سڄي سنڌ مان گرفتار سياسي ڪارڪنن کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي. ٻئي پاسي گڏاپ ٿاڻي تي وڌيڪ 150 ماڻھن خلاف 9 ايف آءِ آرز داخل ڪيون ويون آهن، جنهن بعد واقعي ۾ مجموعي ايف آءِ آرز جو انگ 12 ٿي ويو. خبر موجب سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي بحريا ٽائون آڏو ڌرڻي دوران مبينا طور تي ڀڃ ڊاھ ۽ باھ جي واقعن بعد گڏاپ ٿاڻي تي متاثر اسٽيٽ ايجنسيز، پيزاهٽ انتظاميا ۽ ٻين پاران گڏاپ ٿاڻي تي 150 ماڻهن خلاف 9 ڌار ڌار ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، جنهن بعد واقعي ۾ داخل ڪل ڪيسن جو انگ 12 ٿي آهي. بحريا ٽائون ٽول پلازا جي ملازم رحيم الله بيگ جي مدعيت ۾ داخل ڪرايل ايف آءِ آر نمبر 260 ۾ 500 نامزد نامعلوم ماڻهن مٿان ٽول پلازا تي حملو ڪري ڀڃ ڊاھ، ڦرلٽ ۽ باهه ڏيڻ جا الزام هنيا ويا آهن. جڏھن ته بحريا ٽائون ۾ فاسٽ فوڊ جي مالڪ جي مدعيت ۾ داخل ڪرايل ايف آءِ آر ۾ پڻ 500 نامعلوم ماڻهن ۽ شھباز اسٽيٽ ايجنسي جي سهيل اصغر جي مدعيت ۾ 150 ماڻھن کي نامزد ڪيو ويو آهي. اهڙي طرح هارون اسٽيٽ اينڊ ڊولپر جي اسلم هاشمي، روان ريسٽورنٽ جي مئنيجر دانش حفيظ آرائين، الفلاح اسٽيٽ اينڊ بلڊر جي محمد وقاص پاران پڻ ايف آءِ آرز درج ڪرايون ويون آهن. سمورين ايف آءِ آرز ۾ حملي، ڦرلٽ ۽ باهه ڏيڻ جي الزامن تحت قلم لاڳو ڪيا ويا آهن.

ڪراچي (نمائندا) جسقم چيئرمين صنعان خان قريشيءَ کي کنڀڻ سميت سنڌ ايڪشن ڪاميٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تي دهشگرديءَ جا ڪيس داخل ڪرڻ خلاف گذريل ڏينهن جيئي سنڌ قومي محاذ جي سڏ تي سنڌ جي اڪثر شهر ۾ شٽربند هڙتال ڪئي وئي، ڪاروبار بند رکيو ويو. مختلف شهرن وڪيلن پڻ عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪيو. ان سلسلي ۾ خبرن مطابق جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي جي گرفتاري خلاف ملير جي مختلف علائقن گلشن حديد، اسٽيل ٽائون، پپري، گهگهر، ڪاٺوڙ، رزاق آباد، شاھ ٽائون ۽ ٻين علائقن ۾ شٽربند هڙتال رهي، ٽريفڪ به معمول کان گهٽ رهي، جڏھن ته گلشن حديد ۾ دڪان بند ڪرائڻ دوران پوليس ۽ ڪارڪنن ۾ چڪرين دوران اسٽيل ٽائون پوليس نومي ٽڳڙ ۽ شاهزيب دايو سميت ٽن ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو. ٺٽي ۾ مڪمل هڙتال سان گڏ سمورو ڪاروبار بند رهيو. ٺٽو، مڪلي، جهمپير، جنگشاھي، گهارو سميت ضلعي جي مختلف شهرن ۾ به ڪارڪنن شهر جو گشت ڪري هڙتال ڪرائي ڇڏي. امڪاني گڙٻڙ منهن ڏيڻ لاءِ وڏي تعداد ۾ پوليس اٽالا سڄو ڏينهن گشت ڪندا رهيا. گهارو ۾ مڪمل شٽربند هڙتال رهي، شهر جا سمورا ڪاروباري مرڪز، پيٽرول پمپ ۽ دڪان بند رهيا. جسقم جا ڪارڪن روڊ تي گشت ڪندا رهيا. ٽنڊو محمد خان ۾ جسقم جي سڏ تي شٽر بند ھڙتال رهي، شهر جا سمورا ڪاروباري مرڪز اسٽيشن روڊ، بٺورو روڊ، مير جو پڙ،شاھي بازار ۽ ٻيا علائقا مڪمل بند رهيا. فريدآباد ۾ سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻن تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف شهر ۾ شٽربند هڙتال ڪئي وئي، ٻئي طرف جسقم، ايس ٽي پي، ايس يو پي ۽ ٻين تنظيمن جي ڪارڪنن پاران وزير سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو پڻ ڪيو ويو. فيض گنج، پڪاچانگ ۽ ڀنگو بهڻ ۾ مڪمل طور ڦيٿا روڪ ۽ شٽر بند هڙتال ڪئي، عطا حسين شر، رياض چانگ، صدام چانڊيو، شاز، خادم شر جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي جي گرفتاري توڙي سمورن قومپرست اڳواڻن جي گھرن تي پوليس چڙھائين ۽ گرفتارين خلاف ٺٽي ۾ به مڪمل هڙتال سان گڏ سمورو ڪاروبار بند رهيو. ٺٽو، مڪلي، جهمپير، جنگشاھي، گهارو سميت ضلعي جي مختلف شهرن ۾ به ڪارڪنن شهر جو گشت ڪري ڪاروبار بند ڪرائي ڇڏيو. اڳواڻن ۽ ڪارڪنن پاران احتجاجي مظاھرا ڪيا ويا. هوڏانهن هڙتال دوران ڪنهن امڪاني اڻوڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لاءِ پڻ وڏي تعداد ۾ پوليس اٽالا سڄو ڏينهن گشت ڪندا رهيا. ڪڙيو گهنور ۾ شٽرڊائون هڙتال دوران جي هڪ کليل دڪان تي ڪاهه ڪري کير جو سڄو هنڊو هاري ڇڏيو. دڪاندار ۽ مڇريل ماڻهن ۾ منهن ماري بعد ڪڙيوگهنور پوليس واقعي واري هنڌ پهتي ته پوليس ۽ ڪارڪنن ۾ به ڏند چڪ ٿي پئي. ان بعد پوليس جسقم جي 10 ڪارڪنن عظيم سنڌي، فياض نوتڪاڻي، جنيد نظاماڻي، نيڪ محمدنظاماڻي، نورمحمد خاصخيلي ۽ ٻين خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. گمبٽ ۾ جسقم جي سڏ تي شٽربند هڙتال ڪئي وئي. جسقم ڪارڪنن نٽهڻ اس ۾ ڌرڻو هنيو. پريالوءِ ۾ جزوي طور شٽربند هڙتال رهي. بدين، ميرپور ساڪرو ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. جهوڪ شريف، دڙو. ور شهر ۾ احتجاجي ريليون ڪڍيون ويون.ايس يو پي پاران مڪمل شٽربند هڙتال ڪرائي وئي. نوري آباد ۾ سنڌ ايڪشن ڪاميٽي اڳواڻن تي ڪيس داخل ٿيڻ ۽ گرفتارين خلاف مڪمل شٽربند ھڙتال رهي ۽ شهر جا ڪاروباري علائقا بند رهيا. مورو ۾ جسقم پاران مڪمل طور شٽربند هڙتال ڪئي وئي. سمورا ڪاروباري مرڪز شاھي بازار، ريشم بازار ٻيا ھنڌ بند ٿي ويا. هوڏانهن قاضي احمد ۾ جسقم جي مرڪزي سڏ تي شٽر بند ھڙتال ڪئي وئي، مرڪز شاهي بازار، قاضي احمد ريڊيو بازار، لوهار گلي، جتوئي مارڪيٽ سميت ڪاروباري ۽ خريداري مرڪزن ۾ شٽربند هڙتال رهي. دوڙ ۾ مڪمل طور شٽر بند هڙتال ڪئي وئي. ٻانڌيءَ ۾ به مڪمل شٽربند ھڙتال ڪئي وئي. شٽربند هڙتال سبب مورو روڊ، شاھي بازار، پريس ڪلب روڊ، ڦاٽڪ روڊ، سبزي منڊي روڊ ۽ اسپتال روڊ سميت شھر جا سمورا ڪاروباري مرڪز مڪمل طور بند رهيا. محرابپور ۾ جسقم پاران شٽر بند هڙتال ڪئي وئي. مک بازارون مڪمل طور تي بند رهيون. هوڏانهن دولتپور صفن ۾ مڪمل شٽر بند هڙتال ڪئي وئي. جسقم پاران مظاهرو پڻ ڪيو ويو. ان کان علاوه طرف ڪنڊيارو ۽ کپرو ۾ بک هڙتالي ڪئمپون قائم ڪيون ويون. هوڏانهن ضلعي بار ايسوسيئيشن نوشهروفيروز جي وڪيلن پاران سنڌ جي برک وڪيلن سجاد احمد چانڊيو ۽ اياز لطيف پليجو مٿان دھشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ٿيڻ خلاف مظاهرو ڪيو ويو. ڪنڊيارو ۾ به وڪيلن پاران احتجاج ڪيو ويو. خانواهڻ، نوان جتوئي، ٽنڊو آدم، نئون آباد، ڦل، مٺياڻي، ٺاروشاهه ۾ جسقم پاران احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. ان کان علاوه ڊگهڙي ۽ نئون ڪوٽ ۾ به جسقم پاران احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. جيئي سنڌ محاذ (رياض) جي مرڪزي اڳواڻ سيد نواز شاھ ڀاڏائي جي گرفتاري لاءِ پوليس گھوڙاٻاري ويجھو زرعي فارم تي چڙھائي ڪئي، سندس غير موجودگيءَ تي پوليس ٻن مهمانن کي گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو.سکر ۾ سماجي ۽ قومپرست تنظيمن پاران پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. هوڏانهن سکر ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ جي وڪيلن پاران قربان ڪلوڙ، منظور چوهاڻ جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو. حيدرآباد ۾ جسقم جي سڏ تي شهر جي مختلف علائقن ۾ جزوي طور ڪاروبار بند رهيو، جڏهن ته جسقم ڪارڪنن پاران سڄو ڏينهن مختلف هنڌن تي احتجاج پڻ ڪيو ويو. صبح جي وقت قاسم آباد جي ماروي ٽائون، ڀٽائي ٽائون، علمدار چوڪ، نسيم نگر چوڪ، واڌو واهه روڊ، هالاناڪي، صائمه پلازه، گلشن خير محمد، ذيل پاڪ، حسين آباد سميت مختلف علائقن ۾ ڪاروبار بند رکيو پر بعد ۾ آهستي آهستي جزوي طور ڪاروبار کولي ڇڏيو. ٻئي طرف يوٿ ايڪشن ڪاميٽي پاران قومپرست قيادت تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف پريس ڪلب سامهون سنڌو نواز گهانگهرو، حمز چانڊيو، تبسم ميربحر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي وئي. سنڌ ايڪشن ڪاميٽي اڳواڻن تي ڪيس داخل ٿيڻ خلاف ڄامشورو بار ڪائونسل پاران سيشن ڪورٽ ڄامشورو جي احاطي مان ريلي ڪڍي ايڊووڪيٽ حيدر انڙ، فهيم انڙ جاويد ڪوهستاني ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ميهڙ ۾ وڪيلن پاران سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻن ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي اڳواڻ وڪيل سجاد احمد چانڊيو مٿان ڪيس داخل ٿيڻ خلاف امجد ٻلهڙو،سعيد پهنور، منور علي جتوئي ۽ ٻين عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو. حيدرآباد ۾سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر سجاد احمد چانڊيو ۽ اياز لطيف پليجو تي داخل دهشتگردي جي ڪيسن خلاف ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي سڏ تي وڪيلن پاران عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪيو ويو. جڏهن ته هاءِ ڪورٽ ۾ وڪيلن پاران بار سامهون ايڊووڪيٽ محب لغاري، اياز خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. سيوھڻ تعلقي بار ۾ عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪري وڪيلن پاران احتجاج ڪيو ويو. عوامي پورهيت تحريڪ پاران مڪليءَ ۾ مرڪزي اڳواڻ جي اين کوسو ، ڊاڪٽر ماروي پليجو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. وڳڻ ۾ ۾ پر امن احتجاج ڪندڙ جسقم ڪارڪنن مٿان پوليس ڪڙڪي پئي، پوليس جسقم جي ضلعي صدر مختيار پنھور، سندس پٽ شبير پنھور ۽ جي ايم وڳڻ سميت چئن ڄڻن کي موبائل ۾ وجھي کنڀي کڻي وئي، جن کي بعد ۾ آزاد ڪيو ويو. ان کان علاوه ميرپورماٿيلو، ھنڱورجا، ٺري ميرواھ، ڪنب، کهڙا، گهوٽڪي، مٽياري، ڦلجي اسٽيشن، خيرپورناٿن شاھ، ميروخان، شڪارپور، لعلورائنڪ، لاڙڪاڻو، شھدادڪوٽ، ڪشمور، چڪ، رتوديرو، تنگواڻي، جيڪب آباد، قبو سعيدخان، مدئجي، ڪچي پل، ڪنڌڪوٽ، مانجھند، سڳيون ۾ پڻ صنعان قريشيءَ کي کنڀڻ، قومپرست اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرا ڪري، ريليون ڪڍي، ڌرڻا هڻي ڀرپور احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو.