صنعان خان قريشي کي آزاد ڪيو: موري ۽ ميرو خان ۾ احتجاج

0
236

مورو(ن پ ا) مورو ويجھو نوان جتوئي ۾ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي جي گرفتاري خلاف ۽ بحريا ٽائون انتظاميه خلاف جسقم ۽ سياسي سماجي تنظيم پاران نوان جتوئي شهر جي مين مک چونڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي، ان موڪئي تي اڳواڻن ڪامريڊ حبيب الله خاصخيلي، ايس ٽي پي جي بابر عمراڻي امجد کوسو ۽ ٻين لاڳاپيل سڪيورٽي ادارن کان مطالبو ڪيو ته فورن جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي کي آزاد ڪيو وڃي.
جڏھن تھ جسقم پاران ميرو خان م پڻ صنعان قريشي جي گرفتاري خلاف احتجاج ڪيو ويو.