شھدادپور ۾ صنعان خان قريشي جي گرفتاري خلاف مظاهرو

0
332

شھدادپور(ن پ ا) جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي جي گرفتاري خلاف قومپرست جماعت جئي سنڌ قومي محاذ جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن پاران شھدادپور پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي، مظاهرين چيو ته جسقم چيئرمين صنعان قريشي کي ڪراچي جي گلشن حديد واري گهر مان کنڀي گم ڪيو ويو جنهن جي سخت مذمت ڪيون ٿا، کيس فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي نه ته سخت احتجاج ڪيو ويندو.