دوڙ ۾ جسقم ۽ ايس يو پي جو مظاهرو، صنعان جي آزادي جو مطالبو

0
267

دوڙ (ن پ ا) جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي جي گرفتاري خلاف دوڙ ۾ جسقم ۽ ايس يو پي ڪارڪنن جو احتجاجي مظاهرو سخت نعريبازي صنعان خان قريشي کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو، اڳواڻن چيو ته گذريل ڏينهن بحريا ٽائون خلاف پرامن هلندڙ احتجاج دوران ڪجهه شرپسندن پاران بحريا ٽائون اندر ڪيل ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي انتظاميه وري سنڌ ايڪشن ڪميٽي اڳواڻن مٿان ڪيس داخل ڪري جسقم چيئرمين کي گرفتار ڪري ورتو آهي ان جي سخت مذمت ڪيون ٿا کيس فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي.