ميرپورماٿيلو (ن پ ا)صحت کاتي گھوٽڪي ۾ جعلي ڀرتي جي الزام ۾ ڊي ايچ او گھوٽڪي ايڪسري ٽيڪنيشن کي نوڪري مان فارغ ڪري ڇڏيو، ڊي ايچ ڪيو اسپتال ۾ مقرر ايڪسري ٽيڪنيشن محبوب علي چڍڙ کي ڊي ايڇ او گھوٽڪي ڊاڪٽر رزاق مرڻاس نوڪري تان برطرف ڪندي نوٽيفڪيشن جاري ڪندي ڄاڻايو آھي ته 2008 ۾ محبوب علي ڀرتي ٿيڻ وقت پنھنجي ڊگري ۽ ٻين ڪاغدن ۾ ھيرا ڀيري ڪري نوڪري ورتي آھي ايڪسري ٽيڪنيشن 2008 ۾ ڀرتي ٿيو، ڊگري 2010 ۾ پاس ڪئي جيڪا پڻ جعلي آھي، شوڪاز نوٽيس ذريعي وضاحت طلب ڪئي وئي پر ھو تسلي بخش جواب نه ڏئي سگھيو، تنھن ڪري جعلسازي جي ڪري نوڪري مان برطرف ڪيو ويو آھي ان حوالي سان ڊي ايڇ او گھوٽڪي رزاق مرڻاس تصديق ڪندي ٻڌايو ته ايڪسري ٽيڪنيشن کي نوڪري مان برطرف ڪيو ويو آھي.