حيدرآباد (رپورٽ:امتياز کوسو) سنڌ ھاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ سنڌ يونيورسٽي جي 1 کان 16ھين گريڊ جي 8 ملازمن کي ايندڙ حڪم تائين نوڪرين تي بحال ڪرڻ جو حڪم ڏيندي وائيس چانسلر سميت لاڳاپيل عملدارن کان 26 مئي تي تفصيلي رپورٽ ۽ جواب طلب ڪري ورتو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ نوڪرين تان بيدخل ٿيل ملازمن ساحل، گلفام ۽ ٻين پنهنجي وڪيل سليم مڱريو معرفت عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي جنهن ۾ انهن يونيورسٽيز جي چانسلر، سيڪريٽري يونيورسٽيز اينڊ بورڊ، سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ۽ رجسٽرار کي ڌر بڻائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته ڊسمبر 2020ع ۾ کين ملازمت ڏني وئي ۽ جوائننگ ڏيڻ بعد جنوري 2021ع ۾ نوڪرين تان بيدخل ڪيو ويو. درخواست تي ٻڌڻي جسٽس ذوالفقار احمد خان ۽ جسٽس محمد سليم جيسر تي مشتمل ڊويزن بئنچ ڪئي. ٻڌڻي دوران درخواست گذارن جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ملازمن کي اهو جواز ڄاڻائي نوڪرين تان بيدخل ڪيو ويو آهي ته 2019ع ۾ سنڌ سرڪار حڪم ڏنو هو ته يونيورسٽيز ۾ مقرريون سندن حڪم کانسواءِ نه ڪيون وڃن پر ڄاڻايل ملازمن کان علاوه 2019ع کان هيستائين ڪيرائي يونيورسٽي ۾ ملازم مقرر ڪيا ويا آهن. وڪيل عدالت کي استدعا ڪئي ته ڄاڻايل ملازمن کي يونيورسٽي ۾ مقرر ٿيل نيئن وائيس چانسلر ۽ سندس انتظامي عهدن تي ويٺل عملدارن انتقامي ڪارروائي جو نشانو بڻائيندي بنا جواز معطل ڪيو هو ان ڪري کين نوڪرين تي بحال ڪيو وڃي.