صالح پٽ (ن پ ا) صالح پٽ ۾ ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي سرواڻ علي قاضي پاران 5 ڊسمبر تي اعلانيل ايڪتا ڏهاڙي جي تيارين جي سلسلي ۾ مقامي خانگي اسڪول ۾ رنگارنگ ثقافتي پروگرام منعقد ڪيو ويو. پروگرام ۾ استادن، شاگردن، والدين، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن ٽوپيون ۽ اجرڪ پهري شرڪت ڪئي.  ان موقعي  تي شاگردن ۽ شاگردياڻين ثقافتي ٽيبلوز پيش ڪري، قومي گيت ڳائي سنڌ ۽ سنڌو نديءَ کي ڀيٽا پيش ڪئي. ڊائريڪٽر ايگريڪلچر سکر رسول بخش جوڻيجو، خان محمد چنا، علي گل مهر، ڊاڪٽر خدابخش بهڻ ۽ پرويز مهر تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ شاندار ثقافتي روايتن سان مالامال آهي. سگهڙن جي هنرمنديءَ مان واضح ٿو ٿئي ته اسان جو تعليم سان تمام پراڻو ناتو آهي. هنن جو چوڻ هو ته اسان کي سنڌ جي ثقافت سان گڏوگڏ پنهنجي شاندار تهذيبي روايتن ۽ قومي ورثي جي پڻ حفاظت ڪرڻي پوندي. سنڌو ندي پڻ اسان جي جياپي جو وسيلو صدين جو لازوال ورثو آهي.