شھدادڪوٽ (رپورٽر) شاھ عبداللطيف يونيورسٽيءَ شهدادڪوٽ ڪيمپس ۾  سنڌو تو ۾ ساھ اسانجو جي سري هيٺ ايڪتا حوالي سان منعقد تقريب جو خاص مهمان پرووائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر چندن لال روهڙا ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر شهدادڪوٽ  سجاد قادري هئا. ان موقعي تي انگريزي شعبي جي پروفيسر محمد حسن شيخ سنڌي ثقافت ۽ ان جي عالمي اهميت جي موضوع تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي.شاگردن شاگردياڻين ۽ استادن پاران 5 ڊسمبر واري ڏھاڙي ڪئمپس کان شاندار ايڪتا ريلي ڪڍي روزاني پنهنجي  اخبار ۽ ٽائيم نيوز سان گڏجي ملھائڻ جو پڻ وچن ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي ٻارن طرفان قومي نغما، شعر، ٽيبلوز ۽ خاڪا پڻ پيش ڪيا ويا. آخر ۾ ڪيمپس جي استادن ۽ شاگردن مهمانن سان گڏجي سنڌ جي لوڪ گيت هو جمالو تي جھمريون ھڻي  رقص ڪري ايڪتا تقريب کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.ٻئي طرف شھدادڪوٽ ۾ ايس يو پي پاران پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي سڏ تي  سنڌو تو ۾ ساھ اسان جو جي سري ھيٺ ايڪتا مچ ڪچھري ڪوٺائي وئي.جنهن ۾ سگهڙن ڏور ۽ بيت ٻڌائي واھ واھ ڪرائي ڇڏي، جڏهن ته شاعرن شاعري  ذريعي سنڌو کي زبردست ڀيٽا پيش ڪري ماحول کي خوشگوار  بڻائي ڇڏيو. ايڪتا مچ ڪچھري ۾ فنڪارن ممتاز مستوئي ۽ غلام شبير عباسي اجرڪ ويڙھي ڪلھن تي سنڌي ٽوپي پائي او سٻاجهڙا سنڌي توکي سلام آهي . مان سينڌ  سنڌو جي سجائيندس امڙ کير تنهنجو ملھائيندس سميت ٻيا سنڌي گيت ڳائي ايڪتا مچ ڪچھري ۾ شريڪ نوجوانن کي جھومڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو .ايڪتا مچ ڪچھري ۾ شريڪ سياسي سماجي اڳواڻن سگھڙن ۽ شاعرن ۽ فنڪارن کي ڀرپور داد ڏنو.