سيوهڻ (رپورٽ: اشرف عطار) سيوھڻ  سماجي تنظيم لعل شهباز ٽرسٽ سيوهڻ پاران ڪامريڊ اڪبر ملاح جي اڳواڻي ۾ ڪالھ رات شاندار ثقافتي ايڪتا مچ ڪچھري منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ جسقم جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، رواداري تحريڪ جي صدر پنھل ساريو, پاڪستان فشر فوڪ فورم جي چئرمين مصطفي ميراڻي سميت شھر جي سياسي سماجي اڳواڻن ۽ شھرين وڏي انگ  ۾ شرڪت ڪئي. ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي, پنھل ساريو, مصطفي ميراڻي, اڪبر ملاح, نثار سولنگي, احسان رند ۽ ٻين چيو ته ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار سرواڻ محترم علي قاضي کي جس هجي جنھن ھن ڀيري اسان جي ھن ثقافتي ڏھاڙي جو ٻج پوکيو ۽ ايڪتا جي پليٽ فارم تي سڀني سنڌ واسين کي گڏ ڪيو. هن چيو ته اسان جو ساھ سنڌءِ سان جڙيل آھي پر ان ساھ واري رڳ کي ڪجھ قوتون ڄاڻي واڻي بند ڪرڻ جون ڪوششون ڪن. هن ڏھاڙي جي حوالي سان سڀني سنڌ واسين کي اھا گذارش ٿا ڪريون ته پنھجي ٻيٽن ۽ سنڌ جي وسيلن جي مالڪي ڪن. سنڌو درياه اسان جي لائيف لائين آهي جنهن تي وڏا غير قانوني ڊيم اڏي سڪائڻ جي سازش ڪئي وئي آهي ثقافتي ڏينهن تي ان سازش خلاف جدوجهد ڪرڻ گھرجي. تقريب ۾ مشهور صوفي راڳي وزير علي شاھ قومي ثقافتي قومي  گيت سھندو ڪير معيار او يار. ۽ صوفياڻا ڪلام ڳائي محفل ۾ ويٺل ماڻهن کي جھومائي ڇڏيو. ان موقعي تي سيد الله بخش شاهه لڪياري، قوم پرست اڳواڻ ڪامريڊ شبير ملاح، ڪامريڊ مولابخش نوحاڻي، سيٺ منظور سومرو، وڏيرو نعيم احمد سولنگي، پ ٽ الف تعلقہ سيوهڻ صدر محمد بخش رند، سينيئر صحافي ذوالفقار علي سولنگي، ڪي ڪي بڙدي، گلشير بلوچ، اشرف عطار، آصف ملاح، ماجد قريشي، احسان رند، صفدر نجفي، ڪامريڊ اصغر ڪوريجو، آفتاب سولنگي ۽ ٻيا موجود هئا.