خانپور مھر (ن پ ا) پاڪستان آرمي 50 بلوچ ريجمينٽ سان تعلق رکندڙ فوجي جوان اصغر علي گڏاڻي جو مڙھ گذريل ڏينهن خانپور مهر ويجهو اباڻي ڳوٺ سراج گڏاڻي آندو ويو، پنو عاقل ڇانوڻي مان ليفٽيننٽ سعد ۽ رينجرز جي ڪئپٽن محمد لقمان سميت سوين علائقي واسين آخري رسمن ۾ شرڪت ڪئي. شھيد جي مڙھ کي سلامي بعد فوجي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. واضح رھي ته نوجوان اصغر علي ڪجهه ڏينھن پهريان ڊيوٽي دؤران ڌماڪيدار مادو ڦاٽڻ سبب شديد زخمي ٿي پيو هو، جنھن بعد سي ايم.ايچ راولپنڊيءَ ۾ سندس علاج هلندڙ هو، جتي ھن دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو.