خيرپور (رپورٽر) دهشتگرديءَ جي انت واري عدالت ۾ احمدپور پوليس پارٽي مٿان حملي ڪيس ۾ ٽن اهلڪارن کي شهيد ۽ ٽن انسپيڪٽرز سميت 8 اهلڪارن کي زخمي ڪرڻ وارن ڪيسن جي ٻڌڻي، جوابدار مٿان ڏوهه ثابت، 6 ڀيرا عمر قيد ۽ 13  لک رپيا ڏنڊ  جي سزا. خبر موجب خيرپور ۾ دهشتگردي جي انت واري عدالت 1997 ۾ احمدپور ٿاڻي جي پوليس مٿان حملي ۽ پوليس مقابلي جي ٽن الڳ الڳ ڪيسن ۾ ملوث جوابدار محمد يعقوب ولد محمد اسماعيل سنديلو مٿان ڏوهه ثابت ٿيڻ تي کيس 6 ڀيرا عمر قيد ۽ اٽڪل 13 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي پوليس جي سخت پهري هيٺ سينٽرل جيل خيرپور منتقل ڪري ڇڏيو. ڏنڊ جي رقم مان جملي ساڍا 7 لک رپيا ٽنهي شهيد ٿيل پوليس اهلڪارن جي وارثن کي ادا ڪيا ويندا. جوابدار مٿان الزام هو ته هن پنهنجي ساٿين سان گڏجي 1997 ۾ احمدپور پوليس مٿان جديد هٿيارن سان حملو ڪيو، جنهن ۾ 3 پوليس اهلڪار ڏاتر ڏنو، علي حسن ۽ محمد عمر شهيد ٿي ويا هئا. جڏهن ته انسپيڪٽر سراج الدين، تمثيل پٺاڻ ۽ دريا خان، اي ايس آءِ عبدالرحيم ۽ سپاهي رياض حسين، انور علي، لطيف ۽ لياقت علي زخمي ٿي پيا هئا.