شھدادپور (ن پ ا) شھدادپور ڀرسان ٽن ٻارن جي پيءُ گهرو اڻبڻت تان ڦاهو کائي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو، گهر ۾ ڪهرام. خبر موجب ڳوٺ عبدالقادر راچپر ۾ 30 ورهين جي علي رضا راڄپر گهرو اڻبڻت تان ڦاهو کائي ڇڏيو، وارث نوجوان کي فوري طور تي سِمس کڻائي آيا، جتي ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، ذريعن موجب فوتي نوجوان جي سندس گهر وارن سان اڻبڻت هلندڙ هئي، جنهن تان نوجوان اڳ ۾ به خودڪشي جي ڪوشش ڪئي هئي، ڪالھه نوجوان ڪمري ۾ لڳل پنکي ۾ ڦاهو کائي پنهنجي حياتي جو ڏيئو هميشه لاءِ اجهائي ڇڏيو، ضروري ڪاروائي بعد نوجوان جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، مڙھ گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.