ٻٻرلوءِ (ن پ ا) ٻٻرلوءِ ۾ مڙس کان علحدگيءَ خاطر خلع لاءِ درخواست ڏيندڙ ناريءَ تي قاتلاڻو حملو، گوليون لڳڻ سبب عورت مرڻينگ، ڳڻتيءَ جوڳي حالت اسپتال منتقل، جوابدار فرار، ڪيس داخل نه ٿي سگهيو. تفصيل موجب ٻٻرلوءِ جي جهانيان پاڙي جي رهواسڻ نثار خاتون مٿان سندس جي ڀاءُ دلدار شيخ ۽ مڙس هزاري شيخ پستول جا فائر ڪري کيس سخت زخمي ڪري ڇڏيو. ٻٻرلوءِ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمي عورت کي خيرپور جي سول اسپتال منتقل ڪيو، جتي ڊاڪٽرن پاران نثار خاتون جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. ٻڌايو ويو آهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ نثار خاتون پنهنجي مڙس هزاري شيخ کان تنگ ٿي ڪري خلع وٺڻ لاءِ خيرپور جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي، جنهن تي نثار خاتون جي ڀاءُ دلدار ۽ مڙس هزارو شيخ ڪاوڙجي ڪري قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، عورت مٿان پستول جا فائر ڪري کيس سخت زخمي ڪري ڇڏيو. رابطو ڪرڻ تي ٻٻرلوءِ پوليس ٻڌايو ته تمام جلد عورت جي فرياد تي جوابدار مٿان ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪيو ويندو. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.