شڪارپور  (رپورٽر) ففٿ سول جج ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ شڪارپور عبدالحفيظ چاچڙ جي عدالت پاران گناھ نمبر 60/2022 ٿاڻو اسٽورٽ گنج جي حد ۾ ھمراھ کي زخمي ڪرڻ جي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار غوث بخش، قلندر بخش، وڪيل رحيم بخش ۽ دلبر جتوئي کي ٻه لک اسي ھزار ڏنڊ سزا طور ٻڌائي وئي، واضع رهي ته فريادي علي اصغر جتوئي اسٽورٽ گنج ٿاڻي تي فرياد داخل ڪرائيندي ڄاڻايو هو ته جوابدارن، علي مردان ۽ علي اڪبر کي منگهر هوٽل وٽ زخمي ڪيو هو جنھنجو فيصلو عدالت ٻڌايو آهي