ڪنڊيارو(ن پ ا) ڪنڊيارو ۾ برسات متاثرن جي واهر نه ٿيڻ خلاف ايس ٽي پي ۽ جسقم پاران علامتي بک هڙتال ڪئي وئي، ان موقعي تي هارون ڪلهوڙو، ذوالفقار ملاح، سلطان گهانگهرو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته هزارين خاندان متاثر ٿيا آهن، مسڪين ماروئڙا روڊن تي کليل آسمان هيٺ ترسيل آهن پر سندن ڪير به سار سنڀال لهڻ وارو نه آهي، هنن الزام هنيو ته متاثرن جو سامان مختيار ڪار رات جي انڌيري ۾ من پسند ماڻهن کي ڏئي رهيو آهي، هنن متاثرن جي واهر جي گهر ڪئي،