لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ رتوديرو ميونسپل جي سينيٽري ورڪر ڳوٺ مسوديرو واسي جاويد جلباڻي صحافين آڏو دانهيندي چيو ته پگهارن ۾ واڌ باوجود ماهوار 24 هزار 800 رپيا ڏنا ٿا وڃن، مون سان گڏ ڀرتي ٿيل ملازم 27 هزار کان وڌيڪ پگهار کڻي رهيا آهن. هن الزام لڳايو ته ٽي ايم او چيف سينيٽري انسپيڪٽر ملي ڀڳت ڪري گذريل مهيني جي پگهار روڪيندي 3 سالن جي وڌايل پگهار جا پئسا به نه پيا ڏين، گهر جو خرچ هلائڻ مشڪل ٿي پيو آهي، انصاف فراهم ڪيو وڃي.