شوبز شخصيتون آزادي جو جشن ڪيئن ملھائن پيون؟

0
288

ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستان جون 75ھون يوم آزادي شوبز سان تعلق رکندڙ شخصيتون بھ جوش ۽ جذبي سان ملھائي رھيون آھن، شوبز شخصيتون پاڪستان جھنڊا ھٿن ۾ کڻي سائي ڪلر جا لباس پھري پاڪستان سان محبت جو اظھار ڪري رھيون آھن، اداڪارا منشا پاشا سائي ۽ اڇي رنگ جي خوبصورت لباس ۾ تصوير انسٽاگرام تي شيئر ڪئي آھي، منشا پاشا ڪيپشن ۾ آزادي جي مبارڪباد ڏيندي ان خواھش جو اظھار ڪيو تھ ھي ڏينھن سڀني جي لاءِ بھتري جو سبب بڻجندو. تازو ڪورونا مان صحتياب ٿيندڙ اداڪارا زرنش خان بھ سائي ۽ اڇي رنگ جو وڳو پھري تصوير شيئر ڪئي آھي، ھمايون سعيد بھ پاڪستانين کي آزادي جون مبارڪون ڏنيون آھن، صبور علي پڻ ھٿ ۾ پاڪستان جو جھنڊو کڻي آزادي جو جشن ملھايو آھي.