شڪارپور/ ڪرمپور (رپورٽ: وحيد بروھي/ سيف الله بجاراڻي) ناپرڪوٽ ٿاڻي جي حد سي پي شاخ چوڪي تي ڌاڙيلن حملو ڪري فائرنگ ڪئي، مقابلي ۾ 2ڌاڙيل مارجي ويا ٻه زخمي ٿي پيا. پوليس موجب مارجي ويل ڌاڙيلن جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته بدنام ڌاڙيل جهنگل تيغاڻي ۽ جان محمد عرف جانو تيغاڻي مارجي ويا آهن، جڏهن ته ٻه ڏوهاري زخمي ٿيا آهن. مارجي ويل ٻئي ڌاڙيل ڊي ايس پي رائو انوار سميت پوليس اهلڪارن جي شهادت ۾ ملوث هئا، ڌاڙيل جهنگل تيغاڻي مٿان سرڪار پاران 50 لک انعام رکيل هو، مارجي ويل ٻئي ڌاڙيل اهلڪارن کي شهيد ڪرڻ بعد بڪتربند مٿان بيهي جهمريون هڻي رهيا هئا. پوليس ذريعن موجب ڪجهه ڏينهن اڳ ڳڙھي ياسين ۾ پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل ٻن ڏوهارين جي پلاند خاطر ڌاڙيلن چوڪي تي حملو ڪيو، جنهن دوران مقابلو ٿي پيو مقابلي ۾ ٻئي بدنام ڌاڙيل مارجي ويا. خانپور ويجھو پھوڙ لنڪ روڊ تي پوليس مقابلو ڄاڻائي ٻن ڄڻن غلام مصطفيٰ عرف نانو سومرو پٽ علي نواز سومرو ۽ غلام اصغر مارفاڻي پٽ علي مردان مارفاڻي کي فل فراءِ ڪري ڇڏيو،پ وليس دعويٰ ڪئي آهي ته غلام مصطفيٰ سومرو ۽ غلام اصغر مارفاڻي مختلف ٿاڻن تي 7 کان وڌيڪ ڪيس آھن، ھوڏانھن علائقي ۾ جوابدارن کي پڪڙي فل فراءِ ڪرڻ جا چئوٻول ھلي رھيا آھن،لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، غلام مصطفيٰ سومرو جو لاش سندس والد ۽ غلام اصغر مارفاڻي جو لاش سندس امڙ حوالي ڪيا ويا، جڏھن ته مارجي ويل جوابدارن جي وارثن پاران احتجاج ڪيو ويو، مقتول نوجوان غلام مصطفيٰ عرف ننو سومري جي وارثن مينهل سومرو، پهلوان علي، خان محمد ۽ ٻين چيو ته خانپور ۽ محمد آباغ پوليس اسانجو نوجوان بيگناهه ماري ڪوڙو مقابلو ڏيکاريو آهي جڏهن ته 3 ڏينهن اڳ مارجي ويل ننو سومري جي ايس ايچ او خانپور، سي آءِ اي انچارج ۽ ايس ايس پي جي پي او سان ملاقات ٿي هئي جنهن جون تصويرون به آهن، هوڏانهن ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل ننو سومري کي گذريل ڏينهن رستم کان درگاهه سومراڻي شريف ويندي رستي تان خانپور ۽ محمدآباغ پوليس پاڻ وٽ گھرائي اڌ رات جو ڪوڙو مقابلو ڪري فل فراءِ ڪيو ويو،ٻئي طرف نوجوان جو والد علي مردان مارفاڻي جو چوڻ ھو ته منهنجو پٽ ڪراچي ۾ فيڪٽري تي مزدوري ڪندو هو جتي ڪوارٽر مان پوليس اصغر مارفاڻي ۽ سندس دوست آدم ريٽي کي کڻي کنڀي گم ڪيو، جنهن جي ڳولا ڪراچي ٿاڻن تي ڪئي وئي. ھن جو چوڻ ھو ته منهنجي پٽ سان گڏ ادم ريٽي کي به کنڀي گم ڪيو ويو جنهن کي ظاهر پوليس ناهي ڪيو، مون کي اهو به خبر ناهي منهجي پٽ سان گڏ مقابلي ۾ ٻيو ماريل شخص ڪير آهي انصاف ڪيو وڃي.