سانگهڙ (رپورٽر) پنھنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز ورڪشاپ جو عيوضي بااثرن جي حملي ۾ مرڻينگ، کيس نازڪ حالت ۾ حيدرآباد اسپتال نيو ويو، سياسي سماجي اڳواڻن ۽ صحافين جو احتجاج، جوابدار گرفتار ڪرڻ جو مطالبو. خبر موجب سانگهڙ ضلعي جي شهر ورڪشاپ جي پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي عيوضي غلام قادر شر کي بااثر وڏيري ڪمال الدين شر ۽ سندس پٽن پريس ڪلب کان گھر ويندي حملو ڪري سخت تشدد جو نشانو بڻائي مرڻينگ ڪري ڇڏيو ۽ اڇلائي فرار ٿي ويا. ان ڏس ۾ صحافي کي سخت زخمي حالت ۾ سانگهڙ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان کيس طبيعت گھڻي خراب ھئڻ تي کيس حيدرآباد نيو ويو. ان موقعي تي غلام قادر شر جي وڏي ڀاءُ مينھل شر ۽ صحافي مير خان شر ٻڌايو ته اسان ڪيترائي ڀيرا منگلي ٿاڻي جي ايس ايچ او جمن کوسي کي درخواستون ڏنيون هيون ته بااثر وڏيرا غلام قادر شر کي جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، پر ان جي باوجود پوليس ڪجھه نه ڪيو، هنن چيو ته ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جو عيوضي پريس ڪلب کان گهر وڃي رهيو هو ته بچل خاصخيلي وٽ بااثر وڏيري ڪمال الدين شر ۽ سندس پٽن حملو ڪري کيس مرڻينگ ڪري ڇڏيو، هوڏانهن سانگهڙ ضلعي جا صحافي، سياسي سماجي اڳواڻ وڏي انگ ۾ گڏ ٿي ويا، ان موقعي تي صحافين انجم نظاماڻي، ايس ٽي پي اڳواڻ جبار جوڻيجي، عوامي ورڪرز پارٽي جي بخش مڱريو، خدا ڏنو ڪاڇائي، ھوش محمد منگي، سارنگ وساڻ، غفار نظاماڻي ۽ ٻين احتجاج ڪندي حملي ۾ ملوث بااثر جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو.