اسلام آباد: وزير اعظم عمران خان جي احتساب بابت صلاحڪار شهزاد اڪبر احتساب عدالت ۾ شهباز شريف خلاف ريفرنس ۾ صلاحڪاري ڇڏي وڪيل طور پيش ٿيڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آھي پريس ڪانفرنس دوران صلاحڪار شهزاد اڪبر جو چوڻ هيو ته لڳي ٿو ته شهباز شريف جي احتساب عدالت ۾ هلندڙ ڪيس لاءِ مون کي وڪيل طور ميدان ۾ لهڻو پوندو مان ان مامري تي غور ڪندس هن عطا تارڙ کي شهباز شريف جو پي ايس قرار ڏيندي چيو ته ان پاران شهباز شريف غير مناسب قانوني مشورا ڏنا پيا وڃن.