ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ شب قدر عقيدت و احترام سان ملهائي وئي، ڪروڙين مسلمانن سڄي رات جاڳي عبادتون ڪيون، ملڪ ۽ قوم جي خوشحالي لاءِ دعائون گهريون، ان موقعي تي مسجدن کي سينگاريو ويو هو. ڪورونا وائرس جي ڪري سماجي وٿي جو خيال به رکيو ويو. جڏهن ته اڪثر مسجدن ۾ تراويح نماز ۾ ختم القرآن به ٿيو. حافظ سڳورن قرآن پاڪ ختم ڪيو ۽ مقتدين سڄو قرآن ٻڌو.