شھدادڪوٽ ( رپورٽر )  شھدادڪوٽ ۾ ھيرآباد محلي جي رھواسين ضمير حسين ٻٻر، نظير راجپوت، معظم مگسي احتجاج ڪندي چيو ته ميونسپل انتظاميا جي نا اھلي ڪري گھٽين ۾ گندگي جا ڍير لڳل آهن، گٽرن جو پاڻي رستن تي بيٺل آهي. شهرين گهر ڪئي ته ھيرآباد محلي ۾ گندگي جو نوٽيس وٺي صفائي سٿرائي ڪرائي بيچيني ختم ڪئي وڃي.