شھدادپور (ن پ ا) شھدادپور ۾ نوجوان ناريءَ سان جنسي ڏاڍائي جو انڪشاف، متاثر ناري ٽائيم نيوز آفيس پهچي وئي، انصاف ڏيارڻ جو مطالبو. ان ڏس ۾ جيئي لطيف ڪالوني واسڻ نوجوان ناري انيتا جسڪاڻي پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ سان گڏجي ٽائيم نيوز آفيس پهچي دانهيندي الزام هنيو ته آصف جسڪاڻي ٻه مهينا اڳ گهر ۾ داخل ٿي زيادتي ڪئي، برادري پاران راڄوڻي طريقي سان معاملي کي حل ڪرائڻ لاءِ خاموشي اختيار ڪئي پر ٻه مهينا گذرڻ باوجود ڪو به تدارڪ نه ٿيو آهي، جنهن سبب زندگي تباهه ٿي وئي آهي. هن تمام وس وارن کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي جوابدار آصف جسڪاڻي خلاف ڪيس داخل ڪري کيس گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي. ناريءُ چتاءُ ڏنو ته انصاف نه مليو ته پاڻ ساڙينديس. هوڏانهن متاثره ناري جي پيرسن پيءُ علي حسن جسڪاڻي دانهيو ته جوابدار ڌُر ڌيءُ جو سڱ وٺڻ سڱ ڏيڻ واري معاملي تان به ڦري ويا آهن، نياڻي سان زيادتي ڪري ظلم ڪيو ويو آهي، هن چيو ته پوليس به ڪيس وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، اختياريون معاملي جو نوٽيس وٺن ۽ جوابدار کي گرفتار ڪري سزا ڏئي انصاف ڪيو وڃي.