ننگرپارڪر (ن پ ا ) ننگرپارڪر ۾ ٽي ڏينهن اڳ ٿر گيم سينڪچري ايريا ۾ چائنا ڪلي فيڪٽرين، لوڻ کاڻين ۽ پيٽرول پمپن خلاف ڪارروائي ڪندي 25 جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪندڙ وائلڊ لائيف عملدارن کي ڊپٽي ڪنزويٽر معطل ڪري ڇڏيو، معطل ڪيل اهلڪارن ۾ گيم آفيسر اسد مري، گيم واچر اختر ۽ گيم واچر عثمان ڪنڀر شامل آهن. ڊپٽي ڪنزرويٽر مير اعجاز ٽالپر ڄاڻايو آهي ته ايف آءِ آر ۾ اهڙي ماڻهن جا نالا شامل ڪيا ويا جيڪي گهڻو اڳ فوت ٿي چڪا آهن. واضح هجي ته ٿر جي قدرتي ماحول سان هٿچراند تي داخل ڪرايل ايف آءِ آر ۾ نامزد ڄاڻايل عبدالقدوس راڄڙ، رسول بخش راڄڙ ۽ انور زيب فوت ٿي چڪا آهن. ٻئي پاسي معطل ڪيل گيم آفيسر اسد مري جو چوڻ آهي ته بااثرن خلاف ڪارروائي تان معطل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ايف آءِآر مالڪن خلاف ٿيندي پوءِ اهي مري ويا هجن يا زنده هجن، ان سان ڪو فرق نٿو پوي.