سيريز جي شروعات ۾ ئي ڪاميابي ملي: محمد عباس

0
454

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگر فاسٽ بالر محمد عباس چيو آهي ته خوشي آهي ته سيزن جي شروعات ۾ ئي ڪاميابي ملي وئي. محمد عباس هڪ بيان ۾ ڪائونٽي ڪرڪيٽ بابت ڳالهائيندي چيو ته ڪائونٽي ڪرڪيٽ لاءِ ميچ اهميت رکي ٿي، هاڻ مونکي ڪائونٽي ڪرڪيٽ کيڏڻ جو موقعو ملي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ نه پئي کيڏي وڃي، جنهن سبب نوجوان پريشان ضرور هوندا. واضح رهي ته محمد عباس هيمپشائر طرفان مڊل سڪس خلاف 9 وڪيٽون حاصل ڪيون هيون.