ڪراچي (اسپورٽس نيوز): پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي چيو آهي ته هلندڙ سال سيپٽمبر ۾ قومي ٽيم جي فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي ۽ منهنجي ڌيءَ انشا آفريدي جي شادي ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان هڪ خانگي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڪيو. ميزبان طرفان پڇيل سوال جي جواب ۾ شاهين شاهه آفريدي چيو ته فيملي سان عيد خوبصورت رهندي آهي، زال جا مطالبا پورا ڪرڻا هوندا آهن، منهنجو رول ماڊل ۽ هيرو شاهد خان آفريدي آهي جيئن دوستن سان هوندو آهيان، تيئن ئي لالا سان هوندو آهيان، ليجنڊ سان کيڏندي ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻ خواب پورو ٿيو.