سلطانپور (ن پ ا): سلطانپور ۾ مذھبي جماعت ۽ شھرين ۾ ملاکڙو ڪرائڻ تان ھلندڙ ڇڪتاڻ نيٺ ختم ٿي وئي، سنڌ جي ناليوارن ملهه پھلوانن سنڌ جي قديمي تاريخي ثقافت ملهه راند جا جوھر ڏيکاري علائقي واسين کي جھومائي وڌو، ان موقعي تي شهرين پنهنجا ويچار ونڊيندي چيو آهي ته ملهه راند سنڌ جي ثقافت آھي ان سان مھانگائي ۽ ٻين پريشانين ۾ جڪڙيل عوام جي بھترين وندر ۽ تفريح ٿئي ٿي گھڻن سالن کان پوءِ سلطانپور ۾ ٿيندڙ ملاکڙي راند جي آجيان ڪريون ٿا، ٻئي پاسي سلطانپور سان تعلق رکندڙ علمي ادبي شخصيتن ۽ سياسي اڳواڻن ميڊيا سان ويچار ونڊيندي چيو ته ڪجهه شر پسند ماڻهو سنڌ جي قديمي راند ملاکڙو بند ڪرائڻ لاء مختلف قسمن جا ھربا ھلائي رھيا آھن، پر ڪنهن کي به عوامي تفريح روڪڻ نه ڏينداسين جڏھن ته ملهه پھلوانن محمد خان ڦل، علي اصغر، شيرل ۽ ٻين چيو ته سلطانپور واسين جي ملهه راند سان محبت ڏسي بيحد خوشي ٿي آھي، ھتي اچي بيحد خوشي ٿي آھي، جڏھن ته ملاکڙي جي موقعي تي سلطانپور جي معزز شخصيتن رئيس محمود علي سمائر، چيئرمين ايڊوڪيٽ عجيب الله جوڻيجو، استاد ارباب علي سمائر ۽ ٻين طرفان ڪنهن به اڻوندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لاءِ سلطانپور ڪينٽ پوليس جي سھڪار سان سيڪيورٽي جا انتظام پڻ سخت ڪيا ويا ھئا .