ڪراچي (اسپورٽس نيوز): عيدالفطر جي موقعي تي پاڪستاني ڪرڪيٽرن طرفان به قوم کي واڌايون پيش ڪيون ويون آهن. قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم پنهنجي خاص پيغام ۾ چيو اميد ته توهان پنهنجي گهروارن سان گڏ عيد انجواءِ ڪندئو، پنهنجي گهر وارن جو خيال رکو ۽ پاڪستان ٽيم کي سپورٽ ڪيو. اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي ۽ شاهين آفريدي طرفان به قوم ۽ ڪرڪيٽ شوقينن کي عيدالفطر جون واڌايون پيش ڪيون ويون. پشاور زلمي ۽ لاهور قلندرز به قوم ۽ سڀني مسلمانن کي عيد جون واڌايون ڏنيون. عاقب جاويد، ڊيوڊ ويسا، پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم طرفان به پاڪستانين ۽ مسلم امت کي عيدالفطر جون واڌايون پيش ڪيون ويون.