شادي تقريب ۾ ڪنوار کاڌي ۾ ڀنگ ملائي ڇڏي، مهمان بيهوش

0
314
ڪنوار کاڌي ۾ ڀنگ ملائي ڇڏي
شادي تقريب ۾ ڪنوار کاڌي ۾ ڀنگ ملائي ڇڏي، مهمان بيهوش

صدام حسين ڪولاچي

امريڪي رياست فلوريڊا ۾ ڪنوار ۽ ڪيٽررز مهمانن کي شادي جي کاڌي ۾ ڀنگ ملائي کارائڻ جي الزام ۾ گرفتار ٿيا آهن

پوليس موجب گرفتاريون تقريب جي لڳ ڀڳ 2 مهينن کانپوءِ عمل ۾ آيون، جڏهن ته شادي تقريب ۾ آيل مهمانن پوليس کي بيان ڏنو ته کاڌو کائڻ بعد ائين لڳو ته ڄڻ ڪا نشي واري شئي کاڌي هُجي

ڊانيا سوبودا نالي ڪنوار ۽ ڪيٽرر جوئي سلين برائن ملاوٽ ڪرڻ، ڪوتاهي ۽ چرس فراهم ڪرڻ جي الزامن کي به منهن ڏئي رهيون آهن

پوليس ڪنوار ۽ ڪيٽرر جوئي کي کاڌي ۽ شربت جي ليبارٽري ٽيسٽ کانپوءِ گرفتار ڪيو، شادي جي اِها تقريب امريڪي رياست فلوريڊا جي شهر لانگ ووڊ ۾ 19 فيبروري تي ٿي هئي

پوليس جي جاچ آفيسرن رپورٽ ۾ لکيو آهي ته تقريب ۾ شامل تقريبن 50 ماڻهن شادي جي پڪوان ۾ شامل ميٽ بالز، سيزر سيلڊ، ٽورٽيلني وغيره کائڻ کانپوءِ ماڻهن عجيب محسوس ٿيڻ تي شڪايت ڪئي هئي

شادي تقريب ۾ شامل مهمانن پيٽ ۾ سور ۽ اُلٽي جي شڪايت ڪئي، اڪثر طبيعت خراب ٿيڻ جَي ڪري اسپتال منتقل به ٿيا، پوليس کي ڏنل حلفي بيان موجب شادي تقريب ۾ هڪ مهمان پوليس اهلڪار کي ٻڌايو ته کاڌو کائڻ بعد دل جي ڌڙڪن تيز ٿي وئي ۽ جسم بي قابو ٿي ويو

پوليس تقريب ۾ موجود خالي گلاسن ۽ کاڌي ۾ چاڪليٽ مليل اسٽرابريز، پڊنگ ۽ ٻين شين جا نمونا ٽيسٽ ڪرائي، جنهن ۾ نشي آور شيون ملائڻ جي تصديق ٿي آهي

امريڪا جي ٻين رياستن جي ابتڙ فلوريڊا ۾ طبي ضرورتن لاءِ ڀنگ جي استعمال جي اجازت آهي، پر ڪنهن کي دوکي سان ڀنگ وارو کاڌو کارائڻ ڏوهه آهي