اڳوڻي ايس ايڇ او محبوبا سان گڏجي نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو

0
461

ڪراچي: ڪراچي جي اڳوڻي ايس ايڇ او پاران ٽنڊو الهيار ۾ محبوبا سان گڏجي نوجوان قتل ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي

ايس ايس پي ٽنڊو الهيار فاروق بجاراڻي موجب نوجوان علي رضا پنهنجِي ماروٽ تمسيل سان شادي ڪرڻ جو خواهشمند هو پر ناري ساڻس شادي لاءِ راضي نه هئي

ايس ايس پي موجب ناري تمسيل آرائين اڳوڻي ايس ايڇ او اسد نبي کچي کي پسند ڪندي هئي

اڳوڻي ايس ايڇ او اسد نبي کچي محبوبا سان گڏجي نوجوان کي رستي تان هٽائڻ لاءِ پلان جوڙيو ۽ ٻنهي 14 اپريل تي نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو

ايس ايس پي موجب جوابدارن پهريان نوجوان کي ڪار جو ٽڪر هڻي زخمي ڪيو ۽ پوءِ ڪار ۾ کيس قتل ڪرڻ بعد لاش نصرپور-تاجپور لنڪ روڊ ڀرسان باغ ۾ ڦٽو ڪيو

پوليس جوابدار ناري تمسيل کي گرفتار ڪري ورتو آهي، اڳوڻي ايس ايڇ او سميت باقي ٽن جوابدارن جِي ڳولا ڪئي پئي وڃي