ممبئي:(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي سڀني کان وڌيڪ پسنديده جوڙي ديپيڪا پڊوڪون ۽ رنوير سنگهه جي شادي ۾ موبائل آڻڻ جي اجازت نه هئي جنهن جو سبب اداڪاره پاڻ ئي ٻڌايو آهي.ٻنهي اداڪارن جي شادي جي تقريب 2018 ۾ اٽلي ۾ منعقد ڪئي وئي جنهن سموري دنيا جي ميڊيا جو ڌيان پاڻ طرف ڇڪرايو. اداڪار جوڙي جي شادي جي تقريب ۾ مخصوص مهمانن کي گهرايو ويو هو جن مان ڪجهه ويجهن مائٽن کان علاوه ڪجهه دوست موجود هئا. ديپيڪا ۽ رنوير جي شادي ۾ هڪ پاليسي قائم ڪئي وئي هئي. جنهن تحت ڪنهن کي به تقريب ۾ موبائل فون آڻڻ جي اجازت نه هئي. اها خبر وائرل ٿيڻ کان پوءِ ڪيترن ئي قسمن جا سوال اٿيا پر اداڪاره هڪ انٽرويو دوران پاڻ ئي ٻڌايو ته ائين ڇو ڪيو ويو هو.ڀارتي ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي اداڪاره چيو ته ماڻهو سمجهي رهيا هئا ته اسان ان لاءِ فون آڻڻ کان منع ڪيو آهي ڇو ته اسان جي تصويرن جي پرائيويسي نه رهندي پر حقيقت ۾ ائين نه هو. هن جو چوڻ هو ته پرائيويسي پوءِ اچي ٿي اصل مقصد ماڻهن کي هر لمحي مان بهترين طريقي سان انجواءِ ڪرائڻ هو ڇو ته فون جيڪڏهن اوهان وٽ هجي ها ته اوهان ان سان تصويرون ڪڍو ها ۽ وڊيو ٺاهيندا رهو ها جنهن سبب اهو خوبصورت لمحو ضايع ٿي وڃي ها.ديپيڪا چيو ته اهي لمحا اسان جي ذهنن، اسان جي دلين ۾ محفوظ هجڻ گهرجن نه ڪي موبائيل فونن ۾. اداڪاره ٻڌايو ته شادي ۾ شرڪت ڪندڙ اهي ماڻهو جنهن ڪڏهن به رقص نه ڪيو هو اهي اسٽيج تي اچي رقص ڪري رهيا هئا. سڀ هڪ ٻئي سان ڳالهيون ڪري رهيا هئا ۽ اهوئي اسان جو مقصد هو.