خيرپور (رپورٽر) خيرپور آرٽس ڪائونسل جي جنرل باڊيءَ جو هڪ اجلاس صدر سانول ڳاهو جي صدارت هيٺ شهيد بينظير ڀٽو اوپن ايئر ٿيٽر ۾ ٿيو. اجلاس ۾ آرٽس ڪائونسل جي عهديدارن، مختلف شعبن جي ڪنوينرن سميت ميمبرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي صدر سانول ڳاهو چيو ته آرٽس ڪائونسل ۾ لائبريري قائم ڪرڻ سان گڏ دنيا ۾ آرٽس ڪائونسل ا پروگرام روشناس ڪرائڻ لاءِ يوٽيوب چئنل کوليو ويو آهي جنهن ۾ آرٽس ڪائونسل خيرپور ۾ ٿيندڙ پروگرام آن لائين هلايا ويندا. هن چيو ته هلندڙ مهيني دوران ناري تعلقي ۾ سگهڙ ڪانفرنس ڪوٺائي ويندي، گمبٽ ڊراما فيسٽيول منعقد ڪيو ويندو ۽ وفات ڪري ويل سگهڙ ملهار خان، سيد حاڪم علي شاهه ۽ ناليواري اديب بشير منگي جي ياد ۾ جلد تعزيتي ريفرنس ڪوٺايو ويندو.جنهن ۾ سڄي سنڌ جي اديبن، شاعرن قلمڪارن، آرٽسسٽن، فنڪارن ۽ سگهڙن کي دعوت ناما جاري ڪيا ويندا. هن چيو ته ڪورونا وائرس سبب آرٽس ڪائونسل ۾ ٿيندڙ پروگرام ملتوي ڪيا ويا آهن جيئن ئي حڪومت اجازت ڏيندي ته اسان آرٽس ڪائونسل ۾ تفريحي پروگرام ڪرائينداسين. اجلاس ۾ پيراڻو سائل ڀنڀرو، سيد اڪبر شاهه، شاهنواز ڪلهوڙو، لطيف ڏنو چانڊيو، فقير ڦليو، تاج سروهي، قاضي سرفراز، شهزادو ڪانڌڙو، فياض حسين مهيسر، ڌڻي بخش سهتو، پرڪاش لال، غلام فريد گهايل، شير دل ڳاهو، اختر کوکر، وحيد علي سميت ٻين پنهنجو تجويزون ڏنيون.