سڪرنڊ پوليس مهراڻ ڪالوني واسي نوجوان کي هاف فراءِ ڪري ڇڏيو

0
316

سڪرنڊ: سڪرنڊ پوليس مهراڻ ڪالوني واسي نوجوان صالح عرف صالڻ رند کي هاف فراءِ ڪري ڇڏيو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته کڏهر روڊ تي گشت دوران جوابدارن پوليس جي گاڏيءَ کي پرائيويٽ گاڏي سمجهي ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ فائرنگ ڪئي

جوابي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل صالڻ رند کي گرفتار ڪيو ويو، پوليس موجب صالڻ رند خلاف مختلف ٿاڻن تي 15 کان وڌيڪ ڪيس داخل آهن

زخمي ٿيل نوجوان روئيندي چيو ته مون کي اناج چوري جي الزام ۾ علائقي جي ڪائونسلر پوليس جي حوالي ڪيو، پوليس وارن وري ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي گولي هڻي هاف فراءِ ڪري ڇڏيو آهي